فهيم اشرف جي پاور هٽنگ، پاڪستان دلچسپ مقابلي بعد نيدرلينڊز کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان دلچسپ مقابلي بعد نيدرلينڊز کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان ۽ نيدرلينڊز جون ٽيمون ڪولمبو ۾ آمهون سامهون ٿيون، جنهن ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي نيدرلينڊز جي ٽيم 19.5 اوورن ۾ 147 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
نيدرلينڊز طرفان ڪپتان اسڪاٽ ايڊورڊز 37، باس ڊي ليڊ 30، مائيڪل ليوٽ 24 ۽ ڪولن ايڪرمين 20 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان سلمان مرزا 3، محمد نواز، صائم ايوب ۽ ابرار احمد 2-2، جڏهن ته شاهين آفريدي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
جواب ۾ پاڪستان گهربل هدف 19.3 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ورتو.
114 رنسن تي 7 وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ ڏکئي وقت ۾ فهيم اشرف 11 بالن تي 29 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي ٽيم کي شڪست کان بچائي ورتو، جڏهن ته شاهين آفريدي 5 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
پاڪستان طرفان صاحبزادا فرحان 47، صائم ايوب 24، بابر اعظم 15، ڪپتان سلمان آغا 12، شاداب خان 8، محمد نواز 6 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته عثمان خان کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.