ڪراچي(رپورٽر )آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ پريس طرفان ڪالهه 27 هون ادبي ميلو شروع ٿيو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن سترهين ڪراچي لٽريچر فيسٽيول (KLF) جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز ۽ مرزا قليچ بيگ سنڌ جي ادبي ورثي جا علمبردار آھن ادب ۽ ادبي ميلا سماج کي سمجھڻ، همدردي ۽ نازڪ حالتن ۾ استقامت پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، هن چيو ته موجوده دور ماحولي دٻاءُ، عالمي غير يقيني صورتحال، تيز رفتاري سان ٽيڪنالاجي جي تبديلي ۽ سماجي پيچيدگين سان ڀرپور آهي. اهڙن حالتن ۾ ادب هڪ استحقامي ۽ انسانيت نواز ڪردار ادا ڪري ٿو، هن چيو ته سنڌ حڪومت اهڙين ڪوششن جي حمايت جاري رکندي جيڪي تعليم، تخليق ۽ ثقافتي سرگرمين کي فروغ ڏين. نوجوانن سان مخاطب ٿي هن چيو ته ڪتابن سان تعلق قائم ڪيو ڇوته پڙهڻ ۾ گذاريل وقت ڪڏهن ضايع نه ٿيندو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته سموري دنيا سميت پاڪستان کي به موسمي تبديلي جا چيلينج درپيش آهن، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ عوامي سطح تي سجاڳي سان گڏ حڪومتي ليول تي مستقل پائيدار قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لينس ڊومن ۽ فرانس جي ڪائونسل جنرل اليڪس چاٽاهنسڪي چيو ته ادبي ميلا ،ڪتاب ۽ ادب مصنوعي ذهانت جي امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا،ڪراچي ادبي ميلي ۾ پهريون دفعو سنڌي مشاعري جو به اهتمام ڪيو ويو، جنهن جي صدارت سحر امداد، خاص مھمان ادل سومرو هو، مشاعري ۾ بخشڻ مهراڻوي ،نياز پنهور، ساڀيان سانگي ،امر پيرزادو ،عطيه دائود، مسرور پيرزادو ،شاهنواز گهوٽو ،نصير سومرو پنهنجي شاعري ٻڌائي داد حاصل ڪيو، ان مشاعري جي ڪارروائي نصير مرزا هلائي.ادبي ميلي ۾ نامور ناچڻي نگهت چوڌري پنهنجو ناچ پيش ڪيو،