ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ٿري ايم پي او تحت نظربند ڪرڻ جو ڪيس جي ٻڌڻي چيمبر ۾ ٿي .ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جواد ڏيرو چيمبر ۾ پيش ٿيو،پوليس پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته مختلف پوليس اسٽيشنن جي ايس ايڇ اوز امن امان جي صورتحال بابت اعليٰ اختيارين کي خط لکيا هئا، پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو ته شهر جي روڊن ۽ شاهراهن تي احتجاج ۽ ڌرڻا امن امان جي صورتحال خراب ڪري سگهن ٿا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي خط لکيا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي .ته جيئن امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ سنڌ جي گهرو کاتي پاران ٿري ايم پي او تحت نظربندي جا حڪم جاري ڪيا وڃن، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کان مهلت جي درخواست ڪندي چيو ته اسان کي ڪيس بابت ڪا به هدايت نه ملي آهي،