اسلام آباد(ابصارعالم)ڪووڊ-19 جي وبا بابت ڪي تجزيه نگار ۽ نظرياتي ماهر دعويٰ ڪن ٿا ته وائرس هڪ قدرتي وبا نه پر منصوبابندي سان پکيڙيو ويو، جنهن کي عالمي سياست ۽ اقتصادي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو۔ ڪجهه رپورٽن موجب داعش کي سي آءِ اي ۽ موساد جي حمايت حاصل هئي، جڏهن ته نائن اليون جي واقعي بابت پڻ سازشي نظريا گردش ڪري رهيا آهن۔ جيفري ايپسٽين ۽ سندس ساٿي گيلين ميڪزويل خلاف آمريڪا ۾ چائلڊ پروسٽٽيشن ۽ ٻين جرم جي ڪيسن ۾ گرفتار ٿي چڪا آهن۔ ايپسٽين جيل ۾ مرڻ کان پوءِ، سندس ايميلز ۽ دستاويزات جي ذريعي ڪيترن ئي عالمي ليڊرن ۽ امير شخصيتن سان تعلق جا ثبوت سامهون آيا آهن، جن ۾ بل گيٽس، ايلون مسڪ، مارڪ زڪربرگ، ۽ آمريڪي صدرن جون به ڳالههيون شامل آهن۔ اهو پڻ ظاهر ٿيو آهي ته ايپسٽين جي ايميلز ۾ 2015ع ۽ 2017ع ۾ عالمي وبا جي تيارين ۽ پينڊيمڪ سموليشنز تي ڳالههيون ٿيون هيون، جنهن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته عالمي صحت جي ادارن ۽ طاقتور ڪارپوريشنز ۾ رابطا هن ۾ شامل هئا۔ داعش ۽ طالبان جهڙيون تنظيمن کي به عالمي طاقتور ادارن ۽ ايجنسيز پاران پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو، جيستائين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي سمجههڻ ۽ ان تي قابو حاصل نه ڪيو ويندو، عالمي سطح تي طاقتور اشرافيه انهن کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪندي رهندي۔