دادو(رپورٽ:غوث جھتيال) دادو ۾ نادر جمالي جي پوليس هٿان مبينا مارجي وڃڻ واري مامري ۾ نئون موڙ اچي ويو، وارثن ۽ صحافين مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف وارثن ۽ جمالي برادري جي ماڻهن ٻيهر انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ کي مڪمل طور بند ڪري ڇڏي ڌرڻي دورانمظاهرين هٿن ۾ ڏنڊا کڻي سخت نعري بازي ڪئي، ان وقت ميهڙ کان دادو واپس ايندڙ ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضيٰ علي شاهه جي قافلي ۽ سيڪيورٽي کي به مظاهرين روڪي ورتو ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور بند ٿي وئي، جنهن سبب مسافرن کي شديد پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته صورتحال جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي ايس ايس پي دادو ۽ ڊي سي دادو متبادل رستو اختيار ڪري دادو پهتا ان موقعي تي رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي چيو ته رستا بند ڪندڙ اهي ئي شرپسند عناصر آهن، جن ڪالهه دادو جي عدالت ۾ پيشين دوران هنگامو ڪيو هو، سندس چوڻ هو ته عدالتن ۽ عوامي رستن تي اهڙي قسم جو وڳوڙ غير قانوني عمل آهي، جيڪو هرگز برداشت نه ڪيو ويندو ايس ايس پي دادو وڌيڪ چيو ته قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، ۽ عوامي مفادن کي نقصان پهچائڻ وارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ٻئي طرف مظاهري جي اڳوڻي ڪندڙن نادر جمالي جي سئوٽ خادم جمالي ۽ ٻين وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ۽ هاڻي وري اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي وارثن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي دادو کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ نادر جمالي جي وارثن مٿان داخل ڪيل ايف آءِ آر ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندو وارثن واضع اعلان ڪيو ته جيستائين ايس ايس پي دادو جي بدلي ۽ ڪوڙي ايف آءِ آر جي خاتمي جو اعلان نه ٿيندو، تيستائين انڊس هاءِ وي تي احتجاج ۽ ڌرڻو جاري رهندو، ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي روڊن جي ٻنهين پاسن تي ٽريفڪ مڪمل بيهي رهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڌرڻو ڏھن ڪلاڪن تائين هلندڙ هو مظاهرين سان ڳالهين لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر دادو سميع الله وڳڻ پهتو جنهن تي نادر جمالي جي وارثن پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو اسسٽنٽ ڪمشنر دادو سميع الله وڳڻ موقف ڏيندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضي علي شاھ جي حڪم تي ڌرڻي واري جاءِ تي پهچي وارثن سان ملاقات ڪئي ، انهن ضلع دادو جي انتظاميا سان ڳالهين ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بابت ڊي سي دادو کي اطلاع ڏنو آهي. جڏهن ته ڌرڻي واري جاء تي وڏي تعداد ۾ مال بردار گاڏين جون ٻنهين رستن تي قطارون لڳي ويون.
-
ڪوٽ لالو ۾ پوليس هٿان بي دردي سان نوجوانن جي قتل خلاف هزارين ماڻهن جو ڌرڻو
فيض گنج(رپورٽ: ظهير خاصخيلي) ڪوٽ لالو پوليس ھٿان ٻه ڏينهن اڳ مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيل ٽن نوجوانن غلام مُجتبيٰ شر، مولابخش شر ۽ عاقب شر جي قتل خلاف ھزارين ماڻهن ڪوٽ لالو شھر کان مھراڻ ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ٽريفڪ مڪمل طور تي معطل ٿي وئي آهي، ڌرڻي ۾ ڪراچي کان بيريسٽر محمد ارشد شر ،حيدرآباد کان ايڊووڪيٽ شاڪر نواز شر، ٺري ميرواه کان ايڊووڪيٽ مھتاب شر ،فيض گنج کان آصف چانگ جي قيادت ۾ سوين وڪيلن سميت سياسي سماجي مذھبي ۽ قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن سميت ھزارين علائقي واسين ڀرپور شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي بيريسٽر محمد ارشد شر چيو ته نوجوانن کي ناحق کنڀي بي دردي سان قتل ڪيو ويو جيڪا انتھائي افسوسناڪ ۽ پريشان ڪن صورتحال آهي، ھن چيو ته نوجوانن مٿان بي گناھ ايف آءِ آر داخل ڪري کين روپوش بڻايو ٿو وڃي ۽ جيڪڏهن ماڻهو قانون آڏو پيش پوڻ چاھين ٿا ته کين قتل ڪيو وڃي ٿو جيڪا غيرانساني عمل ۽ بدترين دھشتگردي آهي ايڊووڪيٽ شاڪر نواز شر ڳالھائيندي چيو ته ڪوڙن ڪيسن جو شڪار نوجوانن کي ھڪ ايس ايڇ او ڳالھين بھاني گھرائي قتل ڪري ڇڏيو آهي پر ھن وقت تائين ڪنهن به عملدار يا چونڊيل نمائندي ڪو به ايڪشن ناھي ورتو رھندو مقتولن مٿان اڃا وڌيڪ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جيڪو ھن نظام مٿان ڪارو داغ آهي، ان سلسلي ۾ محمد شاھد شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته معمولي تڪرارن کي جواز بڻائي نوجوانن مٿان ڪيس داخل ڪري کين ڏوھن طرف ڌڪيو وڃي ٿو ھن چيو ته ان کا وڏو غيرقانوني عمل ٻيو ڪھڙو ٿيندو جو حد جو ايس ايڇ او تڪراري ڪيسن جو شڪار ۽ سرينڊر ڪندڙ نوجوانن کي کنڀي کڻي ماري ڇڏيو پر ان درندگي خلاف ڪو به ايڪشن نه ٿو کنيو وڃي. مقتول نوجوانن جي وارثن الله بخش شر ، عبدالباری شر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسانجي نوجوانن مٿان ذاتي رنجشن جي ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا ھئا ھنن چيو ته نوجوانن پاران قانون آڏو پيش ٿي ڪيسن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ان ئي سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڪوٽ لالو وٽ پيش ٿيڻ ويا ته ايس ايڇ او پنھنجي عدالت قائم ڪري نوجوانن کي کنڀي قتل ڪري ڇڏيو ھنن چيو ته جيڪو چڱو مڙس ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندي نوجوانن کي پيش ڪرڻ لاءِ وٺي ويو ان کي به ڪوٽ لالو پوليس پڪڙي قتل ڪري ڇڏيو ھنن چيو ته نوجوانن کي قتل ڪرڻ کان اڳ زبردستي شراب پياريو ويو ۽ اتان کنڀي کڻي وڃي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو جيڪا مقتولن جي تذليل آهي. صحافي منظور سولنگي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مٿان پوليس ۾ موجود ڪجھ ماڻهن جي صورت ۾ ڀيانڪ قاتل مليشيا مسلط آهي جيڪا ڪنھن به وقت ڪنھن به شھري کي کنڀي قتل ڪري ڇڏي ٿي پر ڪير به ان قتل عام خلاف ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ڪوٽ لالو ٿاڻي جي ايس ايڇ او نوردين کونھارو ڳوٺ حڪيم علي نواز شر واسي ٽن نوجوانن کي ڳالھين بھاني گھرائي کنڀي کڻي قتل ڪري ڇڏيو هو.
-
دادو پوليس ناٽڪن تي لهي آئي آهي: نياز ڪالاڻي
دادو(ڊ ر ) جسقم بشير خان قريشي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، رمضان پنهور دادو پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته دادو جي نوجوان نادر جمالي جو قتل عدالت کان مٿانهون قتل آهي وارثن جو موقف اهميت رکي ٿو ان باوجود دادو پوليس ناٽڪن تي لهي آئي آهي، اگر نادر جمالي ڏوهاري يا اشتهاري هيو ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ها نه ڪي ان کي پڪڙي بيدردي سان قتل ڪيو وڃي ھا، صافظاهر آهي پوليس پنهنجي پٽي ڀائين جي ونگار وهندي، ايس ايس پي عهدي تي موجود هجي ۽ جاچ به هلي اها جاچ ڪنهن کي قبول نه هوندي، دادو ۾ قلم ڌڻين مٿان داخل ٿيل دهشتگردي قلم هيٺ ڪيس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي فوري طور داخل ٿيل ڪيس ختم ڪيو وڃي، نادر جمالي جي معاملي تي سڄي سنڌ ۾ بحث هلي پيو، دادو ضلعي جي يا ٻاهرين پوليس هن ڪيس جي جانچ نه ڪري معاملي جي عدالتي جاچ اهم آهي ننڍيون وڏيون غلطيون سڀ ڪنهن کان ٿين ٿيو پر ان جي سزا قتل نه آهي، پوليس صحافين تي اي ٽي سي جا قلم هڻي ڪيس داخل ڪري تمام غلط عمل ڪيو آهي جنهن سبب سڄي سنڌ جا قلم ڌڻي احتجاجن طرف اچن پيا، نادر جمالي جي وارثن سان تعزيت ڪئي آهي وارثن جي ڳالهيون اهميت واريون آهن پوليس کي اهيو به اختيار نه آهي ته ڊيٿ وارنٽ واري کي به پوليس مقابلي ۾ قتل ڪري هي ته شهري هو، معاملي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي سڄي سنڌ به اهو مطالبو ڪري ٿي،
-
62 ڄڻن تي دهشتگردي جو ڪيس،صحافتي حلقن ۾ ڳڻتي
دادو(ڊ ر) دادو ۾ نادر جمالي ڪيس جي ٻڌڻي بعد عدالت احاطي ۾ ڇڪتاڻ، پوليس پاران 62 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، صحافين جا نالا شامل ٿيڻ تي صحافتي حلقن ۾ پڻ ڳڻتي ڇائنجي وئي آهي نادر جمالي جي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ واري معاملي تي گذريل ڏينهن فريادي ڌر پاران داخل 22-اي بي واري درخواست جي ٻڌڻي بعد عدالت جي اڱڻ ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنهن بعد پوليسپاران اي سيڪشن ٿاڻي تي جمالي برادري جي ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پوليس موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او سڪندر هنڱورو جي فرياد تي داخل ايف آءِ آر ۾ 40 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي، 22 جوابدار وڌيڪ شامل آهن جن خلاف ڊيوٽي ۾ رڪاوٽ، پوليس تي حملو، سرڪاري اهلڪارن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ۽ دهشتگردي ايڪٽ (اي ٽي سي) جا قلم پڻ شامل ڪيا ويا آهن ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نادر جمالي ڪيس جي ٻڌڻي بعد جڏهن پوليس آفيسر ۽ عملدار عدالت مان واپس نڪري رهيا هئا ته عدالت ٻاهران موجود ماڻهن پاران نعري بازي ڪئي وئي، گاڏين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پوليس مٿان حملو ڪيو ويو. ايف آءِ آر موجب اڳوڻي ايس ايڇ او بي سيڪشن انسپيڪٽر خليل مسڻ کي مبينا طور تي مارڻ جي ارادي سان کنڀڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته ايف آءِ آر ۾ عدالت ۾ ڪوريج لاءِ پهتل ڪجهه صحافين جا نالا به شامل ڪيا ويا آهن. پوليس رڪارڊ موجب صحافي شعيب ٿهيم، ياسر شورو، منصور چانڊيو، زاهد کوسو سميت ٻين صحافين کي به نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نادر جمالي جي سئوٽ خادم جمالي ۽ مبين جمالي ۽ ٻين جا نالا پڻ ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا آهن پوليس طرفان ڪيس داخل ٿيڻ بعد مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ گرفتاريون ڪرڻ جي ڪوششون جاري آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي به ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ان حوالي سان ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي چيو آهي ته پوليس قانون موجب ڪاروائي ڪري رهي آهي ۽ امن امان ۾ بگاڙ پيدا ڪندڙ عناصرن سان سختي سان پيش اچبو ٻئي طرف ڪيس داخل ٿيڻ بعد ضلعي جي صحافتي برادري سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. صحافين جو چوڻ آهي ته هو عدالتي ڪاروائي جي ڪوريج لاءِ پنهنجي پيشورانه ذميواري نڀائڻ لاءِ عدالت پهتل هئا، جڏهن ته سندن نالا ايف آءِ آر ۾ شامل ڪرڻ صحافتي آزادي ۽ بنيادي حقن جي کلي ڀڃڪڙي آهي. صحافين جو موقف آهي ته هو نه ڪنهن تشدد ۾ شامل هئا ۽ نه ئي پوليس سان ڪنهن به قسم جي جهيڙي ۾ ملوث هئا ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ نادر جمالي معاملي تي داخل 22-اي بي درخواست جي ٻڌڻي دوران ۽ ان کانپوءِ عدالت ٻاهران ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي هئي، جنهن دوران پوليس آفيسرن ۽ نامزد ڪيل جوابدار عملدارن خلاف نعري بازي ڪئي وئي هئي ۽ گاڏين کي روڪڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي هئي.