ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته بجيٽ کان اڳ 28هين ۽ 29هين ترميم ايندي، پ پ حڪومتي بئنچن کان ڌار ٿي اپوزيشن ۾ ويهندي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالههيون ڪندي هن چيو ته اسان 18هين ترميم جا حامي هئاسين پر 18سالن کانپوءِ خبر پئي ته ارڙهين ترميم 18 وزيرن کان ٻاهر نه آءِ، هن چيو ته 18 سال گذرڻ باوجودڪراچي، ڪشمور، سکر، شڪارپور، سيوهڻ ساڳي حالت ۾ آهن، مڪاني ادارن کي مضبوط ڪيو وڃي ته ڪڏهن به نئين صوبي جو مطالبو نه ٿيندو، نه ئي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو ٿيندو،