اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ چيو آهي ته چين هر قسم جي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ مضبوطي سان بيٺل آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ جي اهم ملاقات ٿي، جنهن دوران چيني سفيربلوچستان ۾ تازي دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ دهشت گردي جي روڪ سميت داخلي سلامتي ۽ سيڪيورٽي سهڪار تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته انٽيليجنس شيئرنگ ۽ سائبر ڪرائم جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. چيني سفير چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، چين هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ مضبوطي سان بيٺو آهي. ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي منظم ۽ طئي ٿيل منصوبي تحت ڪئي وئي پر سيڪيورٽي فورسن وقت سر ۽ اثرائتو جواب ڏنو. هن چيني سفير کي چيني شهرين ۽ چيني منصوبن جي حفاظت بابت کنيل قدمن تي آگاهه ڪندي چيو ته چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت اسان لاءِ انتهائي اهم آهي، چيني شهرين کي هر ممڪن سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ جوڙيو پيو وڃي، پاڪ چين دوستي کي ڪو به دشمن ڪنهن به صورت ۾ نقصان نٿو پهچائي سگهي.