رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان جلد پاڪستان جودورو ڪندو. رياض ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ بريفنگ ڏيندي احمد فاروق چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان دفاعي معاملن سميت ٻين شعبن ۾ هڪٻئي سان سهڪار وڌائي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪ – سعودي دفاعي معاهدي جي ڪري ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿيا آهن، مضبوط لاڳاپن جا هاڪاري اثر پاڪستاني معيشت تي پئجي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ ٽيڪسٽائل سميت 8 شعبن ۾ معاهدا طئي ٿيندا. احمد فاروق چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني برآمدون تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪيون آهن، 2025 دوران 5 لک پاڪستاني ورڪر سعودي عرب آيا آهن، هن وقت تقريبن 30 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ورڪر سعودي عرب ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
-
قصور ۾ چئن سالن جي ٻارڙيءَ سان زيادتي،جوابدار نالي ۾ ڦٽو ڪري فرار
لاهور (بيورو) قصور۾ وحشي صفت انسان چار ورهين جي نينگري کي مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد نالي ۾ اڇلائي ڇڏيو، پوليس موجب قصور جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مان لاهور جنرل اسپتال منتقل ڪيل مبينا جنسي تشدد جو شڪار 4 ورهين جي نينگري جو علاج شروع ڪيو ويو، اسپتال ذريعن موجب نينگري جي علاج لاءِ 9 رڪني ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو ، ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته قصور جي ٿاڻي مصطفيٰ آباد جي علائقي مان 4 ورهين جي نينگري کي زخمي حالت ۾ گندگي نالي مان هٿ ڪيو ويو. افسوسناڪ واقعي ۾ نينگري جي مخصوص حصن تي گهرا زخم موجود هئا، نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جي نيت سان نالي ۾ اڇلايو ويو.
-
ڪراچي ۾ نوڪري ملڻ جي ٻئي ڏينهن نوجوان پاران خودڪشي
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گهريلو مسئلن جو شڪار نوجوان نوڪري ملڻ جي ٻئي ڏينهن آپگهات ڪري ڇڏيو، گلشن اقبال بلاڪ 13 ڊي 3 ۾ واقع رهائشي اپارٽمينٽ ويجهو هڪ نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش مليو، پوليس موقعي تي پهچي نوجوان جي لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو، جتي ان جي سڃاڻپ 23 سالن جي محب ولد مراد حيدر جي نالي سان ڪئي وئي، ايس ايڇ او گلشن اقبال نعيم راجپوت موجب فوتي نوجوان پسند جي شادي ڪئي هئي ۽ گهريلو مسئلن سبب نوجوان جي زال کيس ڇڏي وئي هئي ۽ پوءِ زال طلاق وٺي ڇڏي، هن ٻڌايو ته گذريل سال به نوجوان پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر نوجوان بچي ويو هو، جڏهن ته هن ڀيري نوجوان ڳلي ۾ رسو وجهي زندگي ختم ڪري ڇڏي.
-
ڪراچي ۾ ايس آءِ يو پوليس جو 3 ڪروڙن جو ڌاڙو
ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)ڪراچي ۾ ايس آءِ يو پوليس جي مبينا ڦرلٽ جو پردو فاش، ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت لٽجڻ جو انڪشاف ڪراچي ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ پوليس جي مبينا ڦرلٽ ڪندڙٽولي جي انچارج جي گرفتاري کانپوءِ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن، ٻن پوليس اهلڪارن مبينا وارداتن جو پردو فاش ڪندي اعتراف ڪيو ته پوليس ٽولي بحريه ٽائون ۾ منشيات ڊيلر نعمان فاروق عرف ناٽو جي گهر ڇاپي دوران سون جا زيور، قيمتي موبائل فون، نقدي ۽ ٻيو سامان لٽيو جنهن جي ماليت ٽي ڪروڙ رپين کان وڌيڪ هئي، انڪوائري رپورٽ موجب اها ڪارروائي اعليٰ پوليس آفيسرن جي ڄاڻ کانسواءِ ڪئي وئي، جاچ دوران اهو به سامهون آيو ته سب انسپيڪٽر اويس منشيات فروش کان بينڪ ايپليڪيشن کولرائي ڪمپيوٽر آپريٽر قاسم جي اڪائونٽ ۾ رقم منتقل ڪرائي ۽ اي ٽي ايم ذريعي ڏهه لک رپيا ڪڍرايا، بعد ۾ ٻئي اهلڪار غير حاضر ٿي ويا ۽ ڪوارٽر گارڊ ٿيڻ تي اعتراف جرم ڪري ڇڏيو، انڪوائري ۾ مبينا ڦرلٽ ۽ بينڪ اڪائونٽن مان رقم منتقلي جي تصديق ٿي چڪي آهي، ڪمپيوٽر آپريٽر قاسم سرڪاري گواهه بڻجي ويو آهي جڏهن ته گرفتار سب انسپيڪٽر اويس خلاف قانوني ۽ کاتي واري ڪارروائي جاري آهي۔
-
پني عاقل جي ڪچي ۾ پٽ هٿان امڙ قتل
پنوعاقل (رپورٽ : ارشاد رستم انڍڙ) پني عاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ مبينه طور پٽ ڪارنهن الزام ھيٺ ماءُ کي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، ڪچي واري علائقي ۾ رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد سعيد ڳوٺ ۾ عورت حاڪم زادي کي پٽ مبينه طور ڪارنهن الزام مڙهي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب عورت کي پٽ قتل ڪيو آھي. مقتولا عورت جو لاش تعلقي اسپتال پنوعاقل آندو ويو جتان قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
-
حافظ نعيم کي پيغام پهچايو آهي ته سنڌ اسيمبلي جو روڊ بند نه ڪيو: ضياءُ لنجار
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته جماعت اسلامي خلاف ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل هجڻگهرجن ها. سنڌ اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ضياءُ الحسن لنجار چيو ته حافظ نعيم کي پيغام پهچايو آهي ته سنڌ اسيمبلي جو روڊ بند نه ڪيو، جماعت اسلامي کي احتجاج ڪرڻو آهي ته مرڪزي روڊ تي نه سروس روڊ تي ڪري، جيڪڏهن احتجاج ڪرڻو آهي ته پريس ڪلب ٻاهران ڪري. هن چيو ته ڪنهن کي روڊ بند نه ڪرڻ ڏينداسين، زبردستي ڪئي وئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو، جماعت اسلامي شاهراهه فيصل بند ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي، ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل هجڻ گهرجن ها، ائين ٿيو ته اڳتي ڪنهن کي روڊ بند ڪرڻ جي همت نه ٿيندي.
-
وزيراعظم مخالف ڌر اڳواڻ جي چيمبر ۾ وڃي ساڻس ملندو: طارق فضل چوڌري
اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير طارق فضل چوڌري جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جن تڪراري معاملن تي بحث ڪري ٿي، اهي گڏجي ويٺي حل ٿي سگهن ٿا، اسان انهن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير طارق فضل چوڌري جيو نيوز جي پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ ۾ ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظملاءِ اپوزيشن سان رابطو ڪرڻ ضروري آهي، ۽ شهباز شريف جي پاليسي آهي ته اپوزيشن سان رابطو ڪيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سان ملاقات دوران ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو. وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته وزيراعظم ناڻي واري وزير ۽ منصوبابندي واري وزير کي چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن. طارق فضل چوڌري چيو ته اپوزيشن ليڊر وزيراعظم سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ رانا ثنا مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم فيصلو ڪيو آهي ته هو مخالف ڌر جي اڳواڻ جي چيمبر ۾ ويندو ۽ ان سان ملندو. وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته مخالف ڌر سان ڪا ذاتي دشمني ناهي، پر سياسي اختلاف آهن. مخالف ڌر جن تڪراري معاملن تي ڳالهائي ٿي، انهن کي گڏجي ويهڻ سان حل ڪري سگهجي ٿو، اسان انهن تي بحث ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
-
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ رٽائرڊ فوجي پنهنجي زال ماري ڇڏي
اڏيرولال (ن ع آ) اوڏيرولال اسٽيشن ۾ رٽائرڊ فوجي ننڊ ۾ ستل پنهنجي گهرواري کي فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ قبول درس ۾ مڙس پنهنجي ننڊ ۾ ستل گهرواري کي مٿي ۾ گوليون زخمي ڪري وڌو، زخمي عورت کي مرڻينگ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن بعد هو زخمن جا سور سهندي فوت ٿي وئي، مقتول عورت پنج ٻار پڻ پويان ڇڏي وئي، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو ته مقتولا عورت جو مڙس رٽائرڊ فوجي آهي، جيڪو ذهني مريض پڻ آهي، ڪجھه مهينا اڳ چرين جي اسپتال گدو حيدرآباد ۾ رهي آيو, لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. حد جي پوليس جو چوڻ آهي ته اڃان تائين وارثن طرفان ڪوبه ڪيس داخل نه ڪرايو آهي، جڏهن ته اهو به معلوم ٿيو آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس پاران جاچ جاري آهي.