ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ هٿياربند شهريءَ کان 200 تولا سون ۽ هڪ لک ڊالر ڦري ويا، بهادرآباد ۾ ڦر جو واقعو پيش آيو، شهري 200 تولا سون ۽ هڪ لک آمريڪي ڊالر ڪڍرائي گهر پهتو هو، واردات دوران ڌاڙيل گهر مان 200 تولا سون ۽ هڪ لک آمريڪي ڊالر ڦري فرار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته سون ۽ ڊالرن جي قيمت 13 ڪروڙ رپيا ٻڌائي پئي وڃي، پوليس موجب گذريل ڏينهن پيش آيل ڦر واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ، ايف آءِ آر موجب متاثر شخص جو چوڻ آهي ته هو بئنڪ جي لاڪر مان سون ۽ هڪ لک آمريڪي ڊالر ڪڍرائي ڊرائيور سان گڏ گهر پهتو هو، ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چار جوابدار متاثر شخص جو پيڇو ڪندي گهر تائين پهتا، جن مان هڪ ڏوهاري گهر ٻاهران موجود رهيو جڏهن ته ٽي اندر داخل ٿيا ۽ سون ۽ ڊالر ڦري فرار ٿي ويا، شهرين طرفان چيو ويو آهي ته ڦر ٿيل سامان جي ماليت ڪروڙن ۾ ٻڌائي پئي وڃي، شهر ۾ شهري پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن، متاثر کان ڦر ٿيل سون ۽ ڊالر واپس ڏياريا وڃن.