فيض گنج (رپورٽ: ظھير خاصخيلي) ڪوٽ لالو واقعو، مبينا پوليس مقابلي جو ڪيس ٽنهي مقتولن مٿان داخل، ڪوٽ لالو پوليس اهلڪار جو وڏو اعتراف، منهنجي سامهون ايس ايڇ او ۽ خانگي ماڻهن ٽنهي ڄڻن کي گهرائي قتل ڪيو، پوليس اهلڪار پرويز شر جي شاهدي، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا ويا، ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ وارثن کي ڏنل خاطرين ۾ اڳڀرائي نٿي سگهي، مقتولن جو تڏو ڳوٺ حڪيم علي نواز ۾ وڇايو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪوٽ لالو واقعي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي جو ڪيس ايس ايڇ او ڪوٽ لالو نوردين کونهارو جي مدعيت ۾ ٽنهي مقتولن مٿان داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڳوٺ عبدالحڪيم منگيو ڀرسان هٿياربند ڦوروئن جي واردات لاءِ بيٺل هجڻ واري اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي جتي جوابدارن پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ ٽئي هٿيار بند مارجي ويا، سڃاڻپ ڳوٺ حڪيم علي نواز واسي عاقب شر، مولا بخش شر ۽ مجتبي شر طور ٿي آهي، پوليس موجب ٽئي ڦرن، ڌاڙن، قتلن جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن، ٻئي طرف پوليس جي مقابلي واري دعويٰ جو ڀانڊو ساڳئي ڪوٽ لالو ٿاڻي جي اهلڪار ۽ جهاجهه پڪٽ جي انچارج پرويز شر ڦاڙي ڇڏيو جيڪو مقتولن جي تڏي تي پهتو جتي هن بيان ڏيندي چيو ته کيس ايس ايڇ او ڪال ڪري هائوس تي گهرايو جتي اڳ ۾ ئي ٽئي مقتول ويٺل هئا، جڏهن ته مقتول مجتبيٰ ايس ايڇ او کي چيو ته توهان جي چوڻ تي عاقب ۽ مولابخش کي پيش ٿيڻ لاءِ وٺي آيو آهيان، جنهن بعد ايس ايڇ او کين کي شراب پياريو ۽ بعد ۾ اوچتو ڪجهه خانگي ماڻهو داخل ٿيا ۽ ٽنهي ڄڻن کي ٻڌي ورتو، جڏهن ته اکين تي ڪپڙو ٻڌو ويو، ايس ايڇ او مون کي چيو ته هنن کي مقابلي ۾ مارڻو آهي، منع ڪرڻ تي مون مٿان پسٽل سڌو ڪري ڌمڪي ڏني ته چپ رهجان نه ته ماريو ويندين، جڏهن ته ٽنهي ڄڻن کي هائوس تان منتقل ڪري کين کي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن، سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن جي سخت احتجاجن ۽ ڌرڻي بعد جي آءِ ٽي جوڙڻ، ايس ايڇ او جي معطلي سندس مٿان ڪيس داخل ڪرڻ سميت ٻين خاطرين باوجود ڪا به اڳڀرائي نٿي سگهي آهي، پر ان جي ابتڙ مقتولن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، ٻي طرف مقتولن جو تڏو ڳوٺ حڪيم علي نواز شر ۾ وڇايو ويو آهي جتي ٻئي ڏينهن به برادري جي ماڻهن، آسپاس ٻين برادرين جي ماڻهن، سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.
-
ايس ايڇ او شراب پيئاري اسان جي نوجوانن کي مارايو آهي: وارث
فيض گنج: پوليس طرفان مقابلو ڄاڻايل ماريل نوجوانن جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس امن نٿي چاهي، پنهنجا ٻچا پالڻ لاءِ پراوا معصوم ڪُهي ٿي، ايس ايڇ او شرابي آهي، شراب پي اسان جي نوجوانن کي مارايو آهي، پوليس سان گڏ خانگي ماڻهو به هئا، ايڏو ظلم ڪٿي ٿيندو آهي، نوجوانن تي ڪي ڪيس هئا ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، گرفتاري ظاهر ڪئي وڃي ها، پر ايئن بيگناهه هنن کي گهرائي خانگي ماڻهن هٿان مارايو ويو آهي، ڪا ڳالهه هئي ته هنن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، ايف آءِ آر ڪئي وڃي ها اسان کي ڏک نه ٿئي ها، غلام مصطفيٰ بيگناهه ماريو ويو، اسان سان ازالو ٿيڻ گهرجي، اسان حڪومت کي اپيل ڪيون ٿا ته جي آءِ ٽي جوڙي وڃي هي ڪيس سپريم ڪورٽ تائين ويندا، قانوني ڪم ڪنداسين، سڀني دوستن کي اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، جيڪي به قومون، برادريون آهن اسان جو مهرباني ڪري ساٿ ڏين، وارثن چيو ته جيڪڏهن امن هوندو ته پوليس ڪٿان کائيندي، پوليس بيگناهه ٻچا ڪهي رهي آهي.
-
3 نوجوانن جو قتل عدالت کان مٿانهون قتل آهي:شيراز شوڪت
ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پيپلزپارٽي ايم پي اي شيراز شوڪت راڄپر ڪوٽ لالو پوليس هٿان مقابلي ۾ ماريل ٽن نوجوانن جي واقعي تي وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي جن شر برادري جي بيگناهه نوجوانن کي قتل ڪيو ويو آهي، مارجي ويلن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيان ٿو، پاڪستان ۾ هجان ها ته ڌرڻو هڻان ها، نوجوانن جو قتل عدالت کان مٿانهون قتل آهي، وڊيو بيان ۾ هن چيو ته مان اڳ ۾ ئي جيئن واقعو پيش آيو ته مقتولن جي وارثن سان رابطو ڪيو، مان تقريبن 11 ڏينهن کان پاڪستان کان ٻاهر آهيان، جيڪڏهن ملڪ ۾ هجان ها ته مقتولن جي وارثن سان هر هنڌ تي گڏ هجان ها، پوليس اهلڪار پرويز شرف جو بيان سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته هو سرينڊر ڪرڻ آيا هئا سرينڊر ڪرڻ کان پوءِ هنن کي مايو ويو، مان هن معاملي تي سي ايم صاحب کي آءِ جي صاحب کي اپيل ڪيان ٿو ته واقعو ڪيئن ٿيو، ڇو ٿيو، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.
-
هر هڪ نوجوان کي 6 کان 8 گوليون ڪجهه فُٽن جي فاصلي تان لڳل آهن: اسپتال ذريعا
فيض گنج: مقابلي جي معاملي بابت اسپتال ذريعن مان مليل ڄاڻ موجب شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن، ٻڌايو ويو آهي ته هر هڪ کي 6 کان 8 گوليون ڪجهه فُٽن جي فاصلي تان لڳل آهن، مولابخش ۽ مرتضي جي جسم مان 5 گوليون رڪور ٿيون آهن جڏهن ته عاقب کي سڀئي گوليون آروپار ٿيل آهن، ڦڦڙ ۽ دل، ڳچي سميت ٻيا عضوا سخت متاثر ٿيا ۽ موت واقع ٿيو آهي.
-
پوليس ڀلي سموري شر برادري کي ماري ڇڏي، انصاف وٺي رهنداسين: برادري اڳواڻ
فيض گنج: ڪوٽ لالو پوليس طرفان مقابلو ڄاڻائي ماريل ٽنهي نوجوانن جي تڏي تي شر برادري جي ماڻهن اعلان ڪندي چيو ته پوليس ڀلي سموري شر برادري کي ماري ڇڏي، انصاف وٺي رهنداسين، نوجوانن جي تڏي تي ڳالهائيندي شر برادري جي اڳواڻن چيو ته هي وڏو سانحو آهي، مهراڻ هاءِ وي تي اسان هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن ڌرڻو هنيو، حڪومت اسان سان رابطو ڪيو، ايس پي طرفان ماڻهو موڪليا ويا جن کي اسان مطالبا پيش ڪيا، اسان کي لولو پوپ ڏئي مطالبا پورا ڪيا ويا، ان تي ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي، سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي، اسان کي تحفظ ڏيڻ بدران اسان کي مارائڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.