ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ۾ ستين سي پي اي ايشيا ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس جاري آهي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ اسيمبلي پاران پارلياماني ڪانفرنس جي ٻيهر ميزباني فخر جي ڳالهه آهي، سنڌ ڌرتي هميشه مسافرن، واپارين ۽ سياحن کي ٻانھون کولي ڀليڪار ڪيو آهي. سنڌو درياهه واپار، رابطن۽ تهذيب جي واٽن کي هموار ڪيو، سي پي اي جي چيئرپرسن ڪرسٽوفر ڪليلا افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪراچي اچي هو پاڻ کي ڪرسٽوفر ڪليلا بدران “ڪرسٽوفر خان” محسوس ڪري رهيو آهي، جيڪو سنڌ ۽ پاڪستان جي مهمان نوازي جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته پارلياماني سڌارن ذريعي اقليتن، معذورن، عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ گڏيل طور ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي،جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي جمهوري روايتن سان گڏ جدت کي اپنائڻو پوندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته پارلياماني نظام ملڪ جي ترقي ۽ بهتري جو اهم سبب آهي. هن اسمبلي جي تاريخي عمارت ۾ ملڪ جي قيام جو ٺهراءُ پاس ٿيو، جڏهن ته ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم، جيڪو عالم اسلام ۾ به پهريون آهي، هتان کان آهي. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جهڙي اهم ڪانفرنس کي خطاب ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، هن چيو ته دنيا هن وقت فيصلائتي عالمي تبديليءَ جي دور مان گذري رهي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جمهوري ادارن جو ڪردار اڳ کان وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي،هن چيو ته سي پي اي ڪانفرنس جمهوري ڳالھ ٻولھ ۽ سٺي حڪمراني سان وابستگي جو واضح اظهار آهي، جڏهن ته اڄ پارلياماني جمهوريت کي اعتماد جي کوٽ، سياسي ورهاست ۽ ڊجيٽل ۽ ماحولياتي چيلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ قانون سازي جي نگراني ۽ پارلياماني شفافيت وڌائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن مالديپ جي پيپلز مجلس جي ڊپٽي اسپيڪر احمد ناظم خطاب ڪندي چيو ته امن رڳو جنگ جي غير موجودگي جو نالو ناهي، پر اهو تڏهن ممڪن ٿئي ٿو جڏهن شهرين کي جمهوري ادارن تي مڪمل اعتماد هجي. هن چيو ته امن ۽ جمهوري اعتماد هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ادارن تي اعتماد گهٽجڻ سان سماج ۾ ورڇ، بيچيني ۽ آمريت جا لاڙا وڌن ٿا، جيڪو ڏکڻ ايشيا جهڙن علائقن لاءِ وڏو چئلينج آهي. پارليامينٽون رڳو قانون ساز ادارا ناهن، پر اهي مفاهمت، ڳالهه ٻولهه ۽ اتفاقِ راءِ جا اهم فورم پڻ آهن. اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ملڪ محمد احمد خان سي پي اي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته کيس مصنوعي ذهانت بابت سنجيده خدشا آهن، ڇاڪاڻته اها هڪ پاسي وڏو چئلينج آهي ته ٻي پاسي ترقي جو نئون موقعو به بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته اصل سوال اهو آهي ته ڇا قانون ساز ادارا انهن تيز رفتار تبديليُن لاءِ تيار آهن يا نه. برطانيا جي ايونِ بالا (هائوس آف لارڊز) جي ميمبر پال ياو بوٽنگ خطاب ڪندي چيو ته اعتماد جمهوريت جو بنياد آهي، جڏهن ته پارليامينٽ عوامي نمائندگي، جمهوري جواز ۽ ترقي جو مرڪزي ادارو آهي. هن چيو ته موجوده عالمي حالتون، جن ۾ ماحولياتي بحران، جيو پوليٽيڪل ڇڪتاڻ، واپاري جنگيون، بجيٽ جون پابنديون ۽ عوامي بي اعتمادي شامل آهن، پارليامينٽن جي ڪردار کي وڌيڪ اهم بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته وڏين طاقتن جي ٽڪراءَ ۾ ننڍا ۽ ڪمزور ملڪ وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، تنهن ڪري لچڪ (ريزيلينس) انتهائي ضروري آهي، پارليامينٽن کي صرف تقريرن تائين محدود نه رهڻ گهرجي، پر عملي نتيجن ۽ اثرائتي عملدرآمد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ملائيشيا جي ڪيلانٽن اسٽيٽ ليجسليٽو اسيمبلي جي اسپيڪر داتو سري امار دراجه ڊاڪٽر حاجي محمد امار بن عبدالله چيو ته اسپيڪر جي ذميواري آهي ته هر ميمبر کي بنا ڪنهن خوف ۽ امتياز جي ڳالهائڻ جو حق ملي.داتو سري امار اسپيڪر کي جج سان تشبيهه ڏيندي چيو ته اسپيڪر کي حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي جون ڳالهيون هڪجهڙي توجهه سان ٻڌڻ گهرجن ۽ ذاتي يا سياسي تعصب کان مٿانهون رهڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ رڳو ضابطن جو هنڌ ناهي، پر اها قوم جو ضمير آهي، جتي پاليسين تي بحث، اختلافن جو حل ۽ مستقبل جي رخ جو تعين ڪيو ويندو آهي، ڪانفرنس ۾ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين سينيٽر رضا رباني خطاب ڪندي ته جمهوريت ۾ شموليت بنيادي حيثيت رکي ٿي، ۽ عورتن جي سياسي شرڪت کانسواءِ جمهوريت ڪڏهن به مضبوط نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته پارلياماني ادارن ۾ عورتن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ قومي ترقي، سماجي استحڪام ۽ جمهوري تسلسل ۾ سيڙپڪاري جي برابر آهي. پارلياماني بحث اختلافن کي ادارتي شڪل ڏئي روڊن تي تڪرار جو امڪان گهٽايو آهي، جڏهن ته عوامي ٻڌڻين، پارلياماني ڪارروائين ۽ ميڊيا ذريعي شفافيت ادارن ۽ عوام وچ ۾ اعتماد بحال ڪيو آهي. هن چيو ته تاريخي آئيني سڌارن ۾ پارلياماني اتفاق نمايان رهيو، خاص طور 18هين آئيني ترميم وفاقي توازن بحال ڪري جمهوريت کي مضبوط ڪيو. 13 سالن کانپوءِ ستين اين ايف سي ايوارڊ جو اتفاق راءِ سان نفاذ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون جو مثال بڻيو، جنهن مان خاص طور بلوچستان کي فائدو پهتو. هن وڌيڪ چيو ته غربت، وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف قانون سازي ۽ نگراني ذريعي پارليامينٽ جامع سماج جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. مضبوط پارليامينٽ انتظاميه کي قانون جي دائري ۾ رکندي آمراڻن روين کي روڪڻ جي ضمانت آهي،هن چيو ته پارليامينٽ تڪرارن کي ڳالهه ٻولهه ۾ تبديل ڪرڻ جو سڀ کان اثرائتو جمهوري ادارو آهي، جيڪو خاص طور پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام جو پائيدار ذريعو بڻيو آهي. هن چيو ته پارلياماني بالادستي جي بحالي جمهوري اعتماد کي ٻيهر قائم ڪرڻ لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿي.