بينڪ صارفن کان اربين رپين جي ايس ايم ايس چارجز وصولي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جو احتجاج

اسلام آباد(بيورو)سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بينڪن پاران صارفن کان ايس ايم ايس چارجز وصول ڪرڻ جي معاملي تي بحث ٿيو، ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته بينڪ صارفن کان ڪروڙين ۽ اربين رپيا ايس ايم ايس سروس جي نالي تي وصول ٿي چڪا آهن حالانڪه اها هڪ بنيادي پبلڪ سروس آهي، هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن ايف بي آر صارفن کي پيغام موڪلي ٿو ته ڇا اهو چارج وٺي ٿو؟ سينيٽر سليم مانڊوي والا الزام هنيو ته گورنر اسٽيٽ بينڪ هميشه وانگر نجي بينڪن جي وڪالت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته گورنر اسٽيٽ بينڪ موقف اختيار ڪيو ته بينڪون صارفن جي رضامندي سان ايس ايم ايس سروس فراهم ڪن ٿيون ۽ ان تي صرف 0.54 کان 0.79 پئسن تائين چارج ورتو وڃي ٿو، هن واضح ڪيو ته ان کانسواءِ ڪا به اضافي رقم وصول نٿي ڪئي وڃي، اجلاس ۾ يو اي اي پاران ٻن ارب ڊالرن جي رول اوور کي صرف هڪ مهيني لاءِ محدود رکڻ تي به سوال اٿاريو ويو، جڏهن ته سيڪريٽري خزانه ان کي پرڏيهي وزارت سان لاڳاپيل معاملو قرار ڏنو ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ چيو ته رول اوور ناڻي وزارت جي دائري اختيار ۾ اچي ٿو، اسٽينڊنگ ڪميٽي بينڪن کي ايس ايم ايس سروس تي چارجز وصول ڪرڻ کان روڪڻ جي سفارش ڪري ڇڏي ۽ اسٽيٽ بينڪ کان ان حوالي سان فوري قدمن جو مطالبو ڪيو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.