ڪوئيٽا(عوامي آواز رپورٽ) فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته تشدد ۽ دهشتگردي ڪنهن به جواز تحت قبول ناهن، نه ڪو دهشتگرد ۽ نه ئي ڪو سهولتڪار بخشيو ويندو،پاڪ فوج جي شعبي تعلقاتِ عامه (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪوئيٽه جو دورو ڪيو، جتي کين موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ اندروني سيڪيورٽي آپريشنن بابت بريفنگ ڏني وئي،فيلڊ مارشل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيواراڻي مهارت،قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو، ،ان موقعي تي فيلڊ مارشل چيو ته دهشتگردي ۽ تشدد کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، ۽ نه ئي ڪنهن دهشتگرد يا ان جي مدد ڪندڙ کي معاف ڪيو ويندو۔فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وڏي وزير سرفراز بگٽي سي ايم ايڇ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ فوج،ايف سي ۽ پوليس جي زخمي جوانن جي عيادت ڪئي