اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر ٽوئيٽ ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي پاران بلوچستان ۾ دهشتگردي جي مذمت، دهشتگردن جي پرڏيهي سرپرستن ڏانهن اشارو، ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ قربانين جي واکاڻ ڪرڻ هڪ مثبت قدم آهي۔ اهي سڀ ڳالهيون اهم آهن ۽ تسليم ٿيڻ گهرجن۔پر جيڪو ڳالهه ان قرارداد ۾ شامل ناهي، اها به اوتري ئي اهم آهي يعني سياسي قيادت جي اها ذميواري ته هو بلوچستان جي مسئلي جو سياسي حل ڳولي۔ رڳو طاقت جي استعمال تي ڀاڙڻ چاهي ڪيترو به جائز ڇو نه هجي هي مسئلو ڪڏهن به حل نه ڪندو،هن چيو ته بلوچستان کي بنيادي طور حقن جي نظرئي سان ڏسڻ ضروري آهي، بلوچ عوام پاڪستان جي باقي حصن يا دنيا جي ٻين ماڻهن کان مختلف ناهن۔ هڪ بلوچ ماءُ به اهو ئي چاهي ٿي ته سندس ٻار صحتمند، تعليم يافته، چڱيءَ طرح پاليل ۽ محفوظ هجن۔ بلوچستان جا نوجوان به گهٽ ۾ گهٽ اهي ئي موقعا چاهين ٿا، جيڪي ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي نوجوانن کي حاصل آهن،هن چيو ته سڀ کان اهم سوال هي آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل انهن مان ڪهڙو حق واقعي مڪمل ۽ اطمينان بخش نموني بلوچستان جي عوام کي ڏنو ويو آهي؟
-
سلامتي ڪائونسل پاران بلوچستان ۾ حملن جي مذمت
نيويارڪ(عوامي آواز رپورٽ)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل گذريل هفتي پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي۔سلامتي ڪائونسل طرفان اربع جي ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي، ڪنهن به صورت ۾ هجي، بين الاقوامي امن ۽ سلامتي لاءِ سڀ کانوڏن ۽ سنگين خطرن مان هڪ آهي۔سلامتي ڪائونسل موجب انهن نفرت انگيز دهشتگرد ڪارروائين جي ذميوار ماڻهن، منصوبا ٺاهيندڙ، مالي سهائتا ڏيندڙ ۽ سرپرست سڀني کي جوابده بڻايو وڃي ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي،بيان ۾ ٻين رڪن ملڪن تي زور ڏنو ويو آهي ته هو بين الاقوامي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تحت پاڪستاني حڪومت سان ڀرپور ۽ فعال سهڪار ڪن،بيان موجب سڀني رياستن کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الاقوامي قانون جي ٻين تقاضائن مطابق، هر ممڪن طريقي سان دهشتگردي سبب پيدا ٿيندڙ امن ۽ سلامتي جي خطرن کي منهن ڏيڻ گهرجي۔”