ڪراچي (پ ر) پاپولر ليفٽ الائنس جي قيادت پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته جمهوريت جي بحالي، قومن جي حقن ۽ آمريت خلاف پاپولر ليفٽ الائنس طرفان جمهوري قوتن جي ڪوٺايل پرامن ڪانفرنس ڪرڻ کان روڪڻ پوليس طرفان ڪراچي پريس ڪلب جو گهيراءُ ڪرڻ ۽ سياسي ڪارڪنن جون گرفتاريون ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ آمريت مڙهيل آهي. گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب جي گيٽ تان ڪامريڊ حسين فاطمي، ڪامريڊ رمضان ميمڻ، شاهينه رمضان، ڊاڪٽر حسن ناصر ۽ ٻين سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سنڌ پوليس گرفتار ڪيو، اهي گرفتاريون غيرقانوني، آمراڻا ۽ بنيادي انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهن. جنهن جي جيڪا به مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. پاپولر ليفٽ الائنس جي ڪنوينر ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجو، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر نور نبي راهوجو، مزدور ڪسان پارٽي جي صدر تيمور الرحمان، عوامي ورڪرز پارٽي گلگت بلتستان جي اڳواڻ ڪامريڊ بابا جان، پاڪستان انقلابي پارٽي جي اڳواڻ چوڌري مشتاق، گلگت بچايو تحريڪ جي اڳواڻ شبير ميار، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ مجيد ساجدي، ڄمون ڪشمير عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ نثار شاهه، چيو آهي ته اختلافِ راءِ کي طاقت سان دٻائڻ ملڪ کي وڌيڪ سياسي، سماجي ۽ معاشي بحران ڏانهن ڌڪيندو.