ڪراچي ( رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري ڀارتي بربريت ۽ سنگين انساني حقن جي خلاف ورزين باوجود ڪشميري عوام جو حوصلو ناقابلِ تسخير آهي ۽ سندن آزادي جي جائز جدوجهد کي ڪڏهن به ڪمزور نه ڪري سگهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستاني عوام جون دليون پنهنجن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، هن چيو ته هاڻي دنيا جي ڪا طاقت والاريل ڪشمير جي عوام کي سندن منزل حاصل ڪرڻ کان روڪي نٿي سگهي.