پرامن سياسي جدوجهد کي روڪڻ جون وڌندڙ ڪارروايون؟

پاپولر ليِفٽ الائنس جي سڏ تي ٽيون ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ جمهوري قوتن جي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس دوران پوليس پريس ڪلب جو گهيراءُ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڪامريڊ حسين فاطمي، شاهينا رمضان، رمضان ميمڻ، ڪامريڊ حسن ناصر سميت 8 پيرسن اڳواڻن کي گرفتار ڪري ڪجهه ڪلاڪن بعد آزاد ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن جي اڪثريت کي پريس ڪلب جي دروازي تان ئي گرفتار ڪيو ويو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن هن عمل جي سخت مذمت ڪئي.

پاپولر ليفٽ الائينس طرفان ڪراچي پريس ڪلب ۾ سڏايل جمھوري قوتن جي ڪانفرنس ۾ شريڪ سڀني سياسي پارٽين، مزدور، هاري ۽ پروفيشنل تنظيمن جي اڳواڻن طرفان پاس ڪيل ٺهراءُ  ۽ مطالبا  مطالبا پيش ڪيا. بلوچستان جي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. پيدا ٿيل حالتن جي ذميواري حڪومتي ادارن تي وجهندي مطالبو ڪيو ويو ته مسئلي جو حل سياسي ۽ جمهوري طريقن سان ۽ اتان جي عوام جي خواهشن مطابق ڪڍيو وڃي۔ملڪ کي گهڻ قومي رياست قرار ڏئي، سڀني قومي وحدتن کي برابر حيثيت ڏني وڃي، کين پنهنجن وسيلن تي مڪمل اختيار ڏئي سندن حق حڪمراني تسليم ڪيو وڃي۔ وفاق وٽ رڳو اهي اختيار هجن، جن تي وفاقي وحدتن جون چونڊيل اسيمبليون متفق ٿين. يعني اختيارن جي منتقلي وفاق کان صوبن ڏانهن ڪرڻ بدران، صوبن کان وفاق ڏانهن اختيار ڏيڻ جو طريقو اختيار ڪيو وڃي. انتظامي بنيادن تي قومي وحدتن کي ٽوڙي نوان صوبا ٺاهڻ جون ڪوششون ختم ڪيون وڃن۔ وفاق کي سيڪيولر بنيادن تي سڀني شهرين کي برابر حيثيت، برابر حق ۽ برابر تحفظ مهيا ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي۔

 گذريل پنجن سالن دوران آئين ۾ ڪيل سڀ تبديليون، خاص طور تي پيڪا قانون، 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمون، مائيننگ اينڊ منرل ايڪٽ، گرين ٽوئرزم، ايس آءِ ايف سي ۽ ان جي تحت ٺاهيل سڀ ادارا، ڪيل سڀ فيصلا ۽ شروع ڪيل سڀ منصوبا مڪمل طور ختم ڪيا وڃن۔ ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن لاءِ سڄي ملڪ ۾ مخصوص ڪيل لکين ايڪڙ زمينن جا نوٽيفڪيشن واپس ورتا وڃن، ۽ اهي سڀ زمينون مقامي بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن۔ شهرين کي اغوا ڪري گم ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، سڀني گم ڪيل شهرين کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ هر شهري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔ زرعي سڌارا آڻي اضافي زمينون ۽ سموري سرڪاري زمين مقامي بي زمينون هارين ۾ ورهايون وڃن۔

 ڪانفرنس ۾ آمريڪا جي وينزويلا ۾ اختيار ڪيل  سامراجي غنڊه گردي ۽ ايران تي حملي جي تيارين جي پڻ سختي سان مذمت ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته آمريڪا جي انھن عملن جي خلاف اسٽينڊ وٺي.

پاپولر ليفٽ الائنس جي ڪانفرنس بابت ڄاڻايل مٿين رپورٽ کي پڙهجي ٿو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان ڪانفرنس مان حڪومت کي ڪهڙو خطرو هو جو ان کي روڪڻ لاءِ پريس ڪلب ڪراچي تي ڪڙو چاڙهيو ويو ۽  سينئر بزرگ سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو ته جيئن اهي ان ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿي سگهن. ان ڪانفرنس ۾ جيڪي سياسي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ موجوده ملڪي ۽ پرڏيهي حالتن جو جيڪو جائزو ورتو ويو سو ته روز ٽي وي چينلن جي ٽاڪ شوز، قومي اسمبيلي ۽ سينيٽ جي اجلاسن ۾ به ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. مثال طور بلوچستان جي اشو تي، غير جمهوري طاقتن  جي مداخلت ۽ حڪومتي ڪارڪردگي تي ڪٿي ناهي ڳالهايو ويندو، ان ڪانفرنس ۾ به ته اهو ئي سڀ ڳالهايو ويو هو. ته پوءِ ان ڪانفرنس مان ڪهڙو خطرو هو جو ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويندڙ بزرگ سياستدانن کي گرفتار ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو. ان حوالي سان البته اهو پيغام ضرور مليو آهي ته هن ملڪ اندر رڳو مسلم ليگ (ن)، پ پ، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم وغيره کي سياسي سرگرمين جي اجازت آهي. ٻين مخالف يا غير پارلياماني جماعتن کي سياسي سرگرمين ۾ بهرو وٺڻ جي اجازت ناهي.

جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ اهو سراسر غير جمهوري رويو آهي جنهن بابت ڪامريڊ امداد قاضيءَ  اهو بلڪل درست چيو آهي ته هاڻي آمريت جمهوري ادارن ذريعي مڙهي وئي آهي. پاپولر ليفٽ الائنس جي ڪانفرنس جي روڪٿام لاءِ ڪيل ڪارروائي جو ٻيو حيرت ۽ افسوس جوڳو پاسو اهو آهي ته هاڻي پرامن سياسي جدوجهد کي به برداشت نٿو ڪيو وڃي جنهن جو تازو ترين مثال جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي جي گرفتاري هئي. ان کي به سائين جي ايم سيد جي 122 هين سالگرهه تقريب پهريان ڪراچي ڪلب ۾ ۽ ان کان پوءِ سچل ڳوٺ ۾ به نه ڪرڻ ڏني وئي ۽ ان کي به اها تقريب ڪرائڻ کان روڪڻ لاءِ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ گرفتار ڪيو ويو هو جنهن تي اسان ايڊيٽوريل به لکيو هو ته پرامن سياسي جدوجهد کي روڪڻ مان ڪهڙو پيغام ملي ٿو؟

سو اها حيرت جي ڳالهه آهي ته هڪ پاسي اسان پرتشدد ، وڳوڙي سياست کي پسند نٿا ڪريون ته ٻئي پاسي پرامن سياسي جدوجهد روڪي ان کي مشتعل ڪري وڳوڙي ۽ پرتشدد سياسي جدوجهد ڏانهن ڌڪڻ جي به ڪوشش ڪريون ٿا. هڪ پاسي ڪي سياسي ڌريون آهن جن کي ڪراچي جي مصروف ترين شاهراهه فيصل ۽ ايم اي جناح روڊ جا ٻئي پاسا سياسي جلسن لاءِ بند ڪرائي عوام کي شديد ترين تڪليف ڏيارڻ جي اجازت ڏيون ٿا  ته ٻئي پاسي هڪ جڳهه تي ويهي ڪنهن تقريب يا ڪانفرنس ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏيون ته ان کي ڇا اهو نه سمجهجي ته هتي سليڪٽڊ سياسي سرگرمين کي حڪومت جي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي اجازت ڏني وڃي ٿي؟

 جيستائين پاپولر ليفٽ الائنس جي جمهوري ڪانفرنس جو تعلق آهي ته اها ڪانفرنس جيڪڏهن ملڪ دشمن هجي ها ته پريس ڪلب ڪراچي  جي انتظاميا ئي ان کي اجازت نه ڏي ها. تنهن ڪري اسان ان جمهوري ڪانفرنس کي روڪڻ جي  ڪوششن کي غير جمهوري رويو سمجهندي ان جي مذمت ڪرويون ٿا ۽ حڪومت کي وينتي ڪنداسين ته اها پارلياماني جمهوري ۽ آئيني روح کي سمجهندي ملڪ اندر پرامن سياسي سرگرمين ۾ مداخلت کان پاسو ڪري. حڪومت کي ان حوالي سان اهو انديشو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جمهوري طاقتن کي جيڪڏهن پرامن سياسي جدوجهد ڪرڻ نه ڏني ويندي ته عالمي طاقتون ان جو نوٽيس وٺي ايئن مداخلت ڪري سگهن ٿيون جيئن ايران م عوامي احتجاج مٿان طاقت استعمال ڪري ايران جي حڪومت عالمي طاقتن کي مداخلت جو موقعو ڏئي پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.