نفرت سڀني گناهن کان وڏو گناھ آهي ڇاڪاڻ ته اهو روح کي انڌو ڪري ٿو. ‘ليو ٽالسٽائي ’ 1828 – 1910
- شروعات:
1581 جي دور ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيٿولڪ عيسائين جي نوڪري ڪرڻ تي پابندي هئي. جڏهن عيسائي مذهب ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ فرقن ۾ ورهائجي ويو. 1871 ۾ ان پابنديءَ کي ختم ڪري، برابريءَ جي بنياد تي قانون پاس ڪري سڀني فرقن کي هڪ جهڙو موقعو مليو.
اڃان تائين هندوستان ۾ ذات پات جي بنياد تي دلتن خلاف مت ڀيد جو رواج قائم آهي. جڏهن ته هندستان جي آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ 17 ۾ ذات پات ۽ مت ڀيد کي منع ڪيو ويو آهي، پر موجوده ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي جي حڪومت ۾ اقليتن (مسلمان، عيسائي ۽ ٻين خلاف مختلف شڪلين ۾ مت ڀيد جاري آهي.
خود سنڌ ۾ به ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ سنڌي هندن تي سخت پابنديون هيون، نه هو گهوڙي تي سوار ۽ نه ئي پٽڪو ٻڌي سگهندا هئا. اڄ به سنڌ ۾ پير، سردار ۽ وڏيرا عام ماڻهن سان کلي عام مت ڀيد ڪري انهن کي پيرن ۾ ويهاريندا آهن، پورهيت ذاتين جي لاءِ اڻ وڻندڙ لفظ استعمال ڪندا آهن ۽ دراوڙي برادرين لاءِ ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻيءَ جو گلاس ۽ کاڌي جا برتن به جدا رکيا ويندا آهن.
يورپ جو وچئين دور 500ع کان 1500ع تائين، جنهن کي “ڪارو دور” به چيو وڃي ٿو، يهودين جي خلاف سخت پابنديون هيون. مثال طور: انهن کي خاص نشانيون (جهڙوڪ پيلو دائرو ڳچيءَ ۾ ٻڌڻو پوندو هو. اڄ به اوڀر يورپ ۾ روما (جپسي برادريءَ جي خلاف مت ڀيد موجود آهي، جيتوڻيڪ انهن ملڪن ۾ انساني برابريءَ جا قانون موجود آهن.
عورتن خلاف به تقريبن هر سماج ۽ ملڪ ۾ مت ڀيد رهي آهي. مثال نوڪري ۾ گهٽ اُجرت، چونڊن ۾ گهٽ نمائندگي، ڪارو ڪاري ۽ ٻيا ڪيترائي مثال موجود آهن.
- گڏيل قومن جا مت ڀيد خلاف معاهده، عهدناما ۽ پڌر نامه:
گڏيل قومن پاران ماڻهن جي وچ ۾ تفاوت خلاف ڪيترائي عهد نامه ۽ پڌر نامه پاس ڪيا ويا آهن جهڙوڪ:
انساني حقن جو عالمي پڌر نامو: UNDHRs 1948 آرٽيڪل 2 ۾ تفاوت جي خلاف ۽ آرٽيڪل 7 ۾ قانون اڳيان برابري ۽ مت ڀيد کان تحفظ جو ذڪر آهي.
نسلي فرق جي خاتمي بابت عالمي معاهدو ((International Convention on the Elimination of All Forms of Racial Discrimination (ICERD 1965 موجود آهي.
عورتن خلاف هر قسم جي مت ڀيد بابت(Convention on the Elimination of All Forms of Discrimination against Women – CEDAW 1979 معاهدو منظور ڪيو ويو.
معذور ماڻهن جي حقن بابت معاهدو (2006 (CRPD جنهن ۾ انهن خلاف مت ڀيد جو عالمي پڌر نامو آهي.
پائيدار ترقيءَ جا مقصد (UN Sustainable Development Goals-SDGs 2015 ايس ڊي جي نمبر 10 (Reduced Inequalities ملڪ اندر ۽ عالمي سطح تي اڻ برابري کي گهٽائڻ ۽ نمبر 5 ۾ (Gender Equality عورتن خلاف مت ڀيد جو اهم نقطو آهي.
- مت ڀيد جي وصف ۽ وضاحت:
ڪيترن فردن ۽ ادارن مختلف وصفون ٻڌايون آهن. آڪسفورڊ ڊڪشنري جي موجب، “ڪنهن انسان يا گروھ سان صرف ان جي ذات پات، رنگ، نسل، عمر، معذوري، مذهب، جنس ٻولي يا سڃاڻپ جي بنياد تي ناانصافي ڪرڻ، ان کي ڪمتر سمجهڻ يا وڌيڪ/گھٽ حق ڏيڻ مت ڀيد آهي.” ڪيمريج ڊڪشنري وڌيڪ وضاحت ڪري ٿي ته “ڪنهن شخص يا گروھ سان ٻين جي ڀيٽ ۾ (خاص طور تي خراب سلوڪ ڪرڻ، انهن جي رنگ، نسل، عمر ۽ جنس وغيره جي بنياد تي مت ڀيد ڪرڻ.”
مت ڀيد ۽ نفرت وغيره قدرتي قانون جي سراسر خلاف آهن. ڇاڪاڻ ته قدرتي قانون مطابق سڀ انسان برابر آهن ۽ سڀني جا ساڳيا حق آهن، جنهن ۾ جان، مال، عزت ۽ وقار اچي وڃن ٿا.
- مت ڀيد جو نفرت ۽ تشدد سان واسطو:
مت ڀيد جڏهن انتها پسنديءَ ۾ تبديل ٿئي ٿي ته طاقتور گروھ ڪمزورن خلاف نه رڳو تفريق ڪندو آهي، پر انهن سان نفرت ۽ تشدد به ڪندو آهي. غلامي به مت ڀيد جي انتها پسند شڪل آهي. برطانيه ۾ سن 1834 ۾ ۽ آمريڪا ۾ غلامي جي مسئلي تي 1861 کان 1865 تائين گهرو لڙائي ٿي جنهن ۾ 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۾ 1865 ۾ قانوني طور غلاميءَ تي پابندي وڌي وئي. هاڻي ترقي ڪيل ملڪن ۾ اميگرنٽ (لڏپلاڻ ڪري آباد ٿيل خلاف سرڪاري ۽ ثقافتي طور انهيءَ کي نفرت جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.
اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مذهبي، ثقافتي، نسلي ۽ ٻين بنيادن تي نفرت ۽ تشدد موجود آهي، جهڙوڪ:
نائيجيريا ۾ بوڪو حرام(مسلم شدت پسند تنظيم پاران عيسائين خلاف حملا.
سري لنڪا ۾ ٻُڌمت جي پوئلڳ ۽ تامل گروهن جي وچ ۾ نفرت.
ميانمار ۾ روهنگيا مسلمانن جي خلاف نسل ڪشي.
اڳوڻو يوگو سلاويه جڏهن 1991 ۾ ٽٽو ته سرب ۽ مسلمانن جي وچ ۾ 1992 – 1995 تائين موڪتبي تي خونريز لڙائي ٿي جنهن ۾ اٽڪل هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.
اسلام کان اڳ عربن ۾ نياڻين کي زنده دفنايو ويندو هو يا ڪيترن ئي ملڪن ۾ طب جي ٽيڪنالاجي ذريعي ٻار جي جنس معلوم ٿيڻ کانپوءِ نياڻي ٻار کي پيٽ ۾ پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي ڪيرايو وڃي ٿو.
آفريڪا جي رووانڊا ملڪ ۾ گهرو لڙائي 1 آڪٽوبر 1990 کان 18 جولاءِ 1994 تائين لڳ ڀڳ 4 سال هلي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ نسلي قتلِ عام (Genocide هوتي ۽ تتسي گروهن جي وچ ۾ ٿيو، جنهن ۾اٽڪل 8 لک ماڻهو ماريا ويا.
ڏکڻ آفريڪا ۾ گورن ۽ ڪارن جي وچ ۾ ايترو ته امتيازي سلوڪ هو جنهن کي (apartheid جو لفظ چيو وڃي ٿو، جيڪو 1948 کان 1994 تائين استعمال ڪيو ويو.
هاڻي ٻڌو وڃي پيو ته افغانستان ۾ غلاميءَ جي رواج کي قانوني شڪل ڏني وئي آهي ۽ 9 سالن جي ٻارڙيءَ سان نڪاح ڪرڻ جي اِجازت ۽ شيعن کي بدعتي قرار ڏئي انهن جي کلي عام عبادت تي بندش وڌي وئي آهي.
هلندڙ