لاھور ۾ ملھائجندڙ بسنت ميلو هڪ تھوار ناھي، پر تاريخي طور برصغير جو وڏي اھميت رکندڙ تھوار آهي ، جيڪو "موسم بھار ، سرنھن جي پيلن گلن” سان سلهاڙيل آهي، انڊس سولائيزيشن جي ٻن ڌرتين سنڌ ، پنجاب سميت ٻين خطن ۾ خوشحالي جي اميد طور ھي ڏھاڙا ملھايا ويندا آهن ، ھن موسم ۾ ڌرتي جي سرسبزي ، سرنھن جا پيلا گل ، بدلجندڙ موسم خوشحالي جي اميد کڻي ايندا آهن ، ھن موسم ۾ چرند پرند سڀ جهونگاريندا آھن ،
بسنت تھوار ۾ لغڙ اڏائڻ جو رواج سنڌ ۾ به تمام پراڻو آھي پر ان ۾ ڪافي گھٽتائي اچي چڪي آهي ، پر پنجاب ته ان کي پنھنجي ڪلچر ۾ شامل ڪري ڇڏيو آھي، لغڙ اڏائي بھار جي آجيان ڪئي ويندي آھي ، ھي تھوار مختلف دؤرن ۾ مذھبي انتشار جو شڪار به رھيو آھي، جڏهن ته ھن تھوار جو مذھبن سان ڪو تعلق ناهي رھيو ، ھي تھوار موسمن جي بدلجڻ ، بھار جي آمد طور ئي ملھائبو پيو اچي.
آڳاٽي زماني ۾ انڊس سولائيزيشن جي ڌرتي ۾ فلڪيات جا ماھر ، ستارن جي چرپر کي ڏسي بدلجندڙ موسمن ، فصلن جي پوکائي ، ڪٽائي ستارن جي نکٽن کي ڏسي ڪندا ھيا، مشينري دؤر اچڻ کان پوءِ اھي موسمن وارا اندازا لڳائڻ جو رجحان ئي هميشه لاءِ ختم ٿي ويو آھي ، اسان جو نوجوان ته انھن کان بلڪل بي خبر آھي ، جنھن سبب اڄ اسان پنھنجو پاڻ تي ڀاڙڻ بجاءِ ٻين ڏيساور ملڪن جي سائنس تي ئي ڀاڙي رھيا آھيون، نتيجن فصلن جي پيداواري صلاحيت ، خوشحالي، برساتن جا نقصان اسان کي پلئه پئجي ويا آھن.
ھن وقت لاھور ۾ جديد تعليم سان گڏو گڏ حڪمران طبقو پنھنجي ثقافت ۽ ٻولي لاءِ ڪافي ڪوشان آهي ، روڊن ۽ رستن تي پنجابي زبان ۾ ڏاھن جا قول ، علائقن جا نالا بورڊن تي مختلف رنگن سان سجائي لاھور کي خوبصورت ڪرڻ سان گڏ پنھنجي زبان ، ڪلچر کي پنھنجو اوج واپس ڪرڻ لاءِ بھترين قدم کنيا آھن پر ان سان گڏو گڏ گذريل 24، 25 سالن کان پابندي مڙھيل بسنت تھوار کي ٻيھر اُجاگر ڪري سرڪاري طور تي 6، 7 ۽ 8 فيبروري تي ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ، اھو تھوار 2005 ۾ ڪورٽ جي حڪم تي بند ڪيو ويو ھيو ، ان ڪري ته ھتان جا ڪجهه شر پسند ماڻھو لغڙ ۾ ڌاتو مليل ڏور ، يا شيشي واري ڏور جو استعمال ڪندا ھيا ، اھا ڏور جڏھن ٽٽندي ھئي ته موٽر سائيڪل سوارن جي ڳلي يا جسم ۾ چنبڙي انھن کي سخت زخمي ڪندي ھئي جنھن سبب ڪيترن ئي شھرين جون ٻانھون ، ھٿ ڪٽجي ويندا ھئا ته ڪيترن جا ڳلا ڪٽجي ويندا ھيا، جنھن سبب ڪورٽ ان کي قاتل ڏور جو لقب ڏئي ان تھوار تي پابندي مڙھي ڇڏي. پر ھن دفعي پنجاب سرڪار انھن ڪيميڪل مليل ڏور، شيشي واري ڏور تي پابندي مڙھي ڇڏي آهي ۽ موٽر سائيڪل تي پڻ سيفٽي راڊ لڳائڻ جا حڪم جاري ڪيا آھن ،
موٽر سائيڪل لاءِ پنجاب سرڪار پاران مفت سيفٽي راڊون شھرين کي مھيا ڪيون پيون وڃن ، جنھن لاءِ ٽريفڪ پوليس کي پابند ڪيو ويو آهي ، ڪٿي ته شھرين پنھنجي بچاءُ لاءِ خود بخود تحفظ واريون راڊ لڳرائي ڇڏيون آهن ، ٽريفڪ پوليس پاران ڪنھن به صورت ۾ بائيڪ کي اڳتي نه پيو ڇڏيو وڃي ، جنھن جي موٽر سائيڪل ۾ سيفٽي راڊ ناھي، انھن تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جا نوٽيفڪيشن ڪڍيا ويا آھن ، ان کان علاوه پتنگ يا ڏور جو ڪاروبار ڪندڙ دوڪاندار رجسٽرڪيا ويا آهن ، رجسٽرڊ دوڪاندارن کانسواءِ ٻيو ڪوبه لغڙ توڙي ڏور وڪرو نه ڪري سگھندو ،
لغڙ بازي ۾ ڪابه سياسي نعريبازي توڙي لغڙ تي ڪنھن سياسي تنظيم جي جھنڊي تصوير لڳائڻ تي پابندي مڙھي وئي آھي، سرڪار پاران تھوار وارن ڏهاڙن ۾ مفت سفري سهولتون ميسر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن ، جنھن ۾ ميٽرو ، اسپيڊو بسن ، اورينج لائن کانسواءِ چنگچي رڪشا ، ڪارون ڪرائي تي ورتا ويا آهن ، جيئن شھري بائيڪ ڪڍڻ بجاءِ تھوار جو مزو مفت سفر ۾ ڪري سگھن ، ۽ بائيڪ بلاجواز نه ڪڍي وڃي ، چؤڪن ۽ چؤراھن تي صحت کاتي جون ڪئمپون لڳايون ويون آھن ، ڪيمرائون نصب ڪيون ويون آهن ، سيڪيورٽي جا تمام انتظام سخت ڪيا ويا آهن ، جيئن ھر امڪاني مسئلي کي فوري طور منھن ڏئي سگھجي.
بسنت تھوار ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪئناڊا ، آمريڪا، جاپان سميت ٻين ملڪن مان پنجاب جا شھري پھچڻ شروع ٿي ويا آھن ، شھر جي وڏين وڏين عمارتن جي ڇتن جي ڪرائي جا ريٽ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آھن ،وڏين ڇتين، بھتر لوڪيشن جا ريٽ ڪروڙين رپين ۾ لڳايا ويا آھن، ھي تھوار عورتون توڙي جوان وڏا ڌام ڌوم سان ملھائڻ لاءِ آتا آهن ، ڇوته ڪافي وقت کان پوءِ ان تھوار جي سرڪار پاران اجازت ڏني وئي آهي ، شھر جي لبرٽي چوڪ کي خوبصورت ڪرڻ لاءِ لائٽنگ ، وڏي سائيز وارا پتنگ لڳايا ويا آھن ، ڪينال روڊ، مال روڊ ، جيل روڊ ، سي ايم ھائوس ، گورنر ھائوس سميت سڄي لاھور کي رنگبرنگي لائيٽنگ جي روشني سان سينگاريو ويو آهي ، ڏسڻ ۾ اھو پيو اچي ته ھن بسنت ميلي ۾ لاھور تمام خوبصورتين جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو .