ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سني ديول ۽ اڪشي کنا هڪ ڀيرو ٻيهر اسڪرين تي گڏجي جلوا وکيرڻ وارا آهن، ٻئي اداڪار آخري ڀيرو 1997 ۾رليز ٿيل فلم ” بارڊر“ ۾ گڏ نظر آيا هئا.
هاڻي اٽڪل ٽن ڏهاڪن کانپوءِ هي جوڙي هڪ سنجيدا ۽ اثرائتي ڪورٽ روم ڊراما ’اڪا‘ ذريعي ناظرين آڏو اچڻ لاءِ تيار آهي.
نيٽ فلڪس تازو پنهنجي ايندڙ فلم ’اڪا‘ جو پهريون ٽيزر جاري ڪيو آهي.
هڪ منٽ کان وڌيڪ دورانيي تي آڌاريل ٽيزر ۾ عدالت جو هڪ منظر ڏيکاريو ويو آهي، جتي سني ديول هڪ ماهر وڪيل سڪندر مهرا جي ڪردار ۾ نظر اچي ٿو.
سني ديول 33 سالن کانپوءِ وڪيل جي ڪردار ۾ نظر ايندو، هن کان اڳ هو 1993 جي ايوارڊ يافته فلم دامني ۾ وڪيل جو ڪردار ادا ڪري چڪو آهي.
فلم ’اڪا‘ ۾ اڪشي کنا کي ناڪاري ڪردار ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو هڪ سنگين ڪيس کي منهن ڏئي رهيو آهي.
فلم جي ڪهاڻي قانون، اخلاقيات ۽ انصاف جي نازڪ توازن جي چوڌاري ڦري ٿي.
سڌارٿ پي ملهوترا جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ هن فلم ۾ ديا مرزا ۽ تلوتما شومي به اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، فلم جي رليز تاريخ اڃا سامهون ناهي آئي.