نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل بلوچستان ۾ ٿيندڙ تازن حملن جي مذمت ڪندي سڀني ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار ڪن.
پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر جيمز ڪاريوڪي ڪائونسل طرفان بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن 31 جنوري تي پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ مختلف هنڌن تي ڪيل دهشتگرد ۽ بزدلاڻي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان مذمت جوڳي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث، منصوباسازن، مالي مدد ڪندڙن ۽ سرپرستن کي جوابده قرار ڏئي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
بيان ۾ سڀني ملڪن کي چيو ويو آهي ته اهي عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تحت ان معاملي ۾ پاڪستان حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪن.
سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن متاثر خاندانن، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمي ماڻهن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي دعا ڪئي.
بلوچستان حملن جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سڀئي ملڪ پاڪستان سان سهڪار ڪن: سلامتي ڪائونسل
You might also like