منوج باجپائي جي نئين فلم’’گھوس خور پنڊت‘‘ تي ڀارت ۾ ٻڙڌڪ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) نيٽ فلڪس ڀارت جي ايندڙ فلم ’’گھوس خور پنڊت‘‘۾ منوج باجپائي مُک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ممبئي ۾ هڪ ايونٽ دوران ان جو ٽيزر جاري ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي فلم سوشل ميڊيا تي سخت تڪرار جي ور چڙهي وئي آهي.
ٽيزر ۾ منوج باجپائي جي ڪردار ’’هڪ ڪرپٽ پوليس آفيسر‘‘ جو تعارف ڪرايو ويو، پر فلم جي عنوان تي سخت ردِعمل سامهون آيو آهي ، جتي ڪيئي واهپيدارن ان کي غير حساس ۽ توهين جوڳو قرار ڏئي رهيا آهن.
ڪيئي واهپيدارن لفظ ’’پنڊت‘‘ جي استعمال تي اعتراض واريو آهي ۽ چيو آهي ته ان ذريعي ڪرپشن کي هڪ مخصوص برادري سان جوڙيو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ مين اسٽريم انٽرٽينمينٽ ۾ ذات پات جي نمائندگي تي هڪ وڏو بحث ڇڙي ويو آهي.
واضح رهي ته ’’گھوس خور پنڊت‘‘ نيٽ فلڪس انڊيا ۽ فلم ساز نيرج پانڊي وچ ۾ تازو سهڪار آهي، هن ان کان اڳ’’خاڪي: دي بهار چيپٽر‘‘ ۽ ان جو سيڪوئل ٺاهيو هو، هي فلم نيٽ فلڪس انڊيا جي 2026 جي ڪنٽينٽ لائن اپ جو حصو آهي.
ڪهاڻي اجئه ڊڪشت نالي هڪ ڪرپٽ پوليس آفيسر جي چوڌاري ڦري ٿي، جنهن جو ڪردار منوج باجپائي ادا ڪري رهيو آهي، جنهن کي ”پنڊت“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.