آمريڪي هٿيار ئي پاڪستان جي معدني خزاني تي آمريڪي خواب آڏو رنڊڪ آهن

تحرير : صوفيا سيفي

پاڪستان جي ڪوھِ هندوڪش جا پٿريلا ۽ ڏکيا جبل پنهنجي هنج ۾ کربين ڊالرن جي منصوبن (Strategic) جا خزانا سموئي ويٺا آهن، پر انهن قيمتي وسيلن تائين پهچڻ جي راهه ۾ هڪ اهڙي خونريز جنگ حائل آهي، جنهن علائقائي سلامتي کي خوفناڪ تضاد ۾ بدلائي ڇڏيو آهي۔ هڪ پاسي پاڪستان جي زمين هيٺ لڪل 8 ٽريلين ڊالر جا معدنيات عالمي طاقتن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيا آهن، ته ٻئي پاسي افغانستان مان آمريڪي فوجين جي نيڪالي وقت ڇڏي ويل جديد ترين هٿيار هاڻي انهن ئي معدني علائقن ۾ رياست خلاف استعمال ٿي رهيا آهن۔

اها صورتحال هڪ سنگين سوال پيدا ڪري ٿي ته ڇا پاڪستان پنهنجا اهي وسيلا ڪڍي معاشي تقدير بدلائي سگهندو، يا اهو خزانو آمريڪي هٿيارن سان ليس شدت پسندن جي عارضي سياسي رسا ڪشي جي نذر ٿي ويندو؟

پاڪستان جي زيرِ زمين ٽامي،  لِٿيم، ڪوبالٽ ۽ سون جا اهڙا وسيع ذخيرا موجود آهن، جن جي ڪُل ماليت جو اندازو لڳ ڀڳ 8 ٽريلين ڊالر لڳايو ويو آهي۔ هن معدني خزاني واشنگٽن ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ هڪ غير متوقع ويجهڙائپ پيدا ڪري ڇڏي آهي۔ گذريل سال وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير پنهنجي آمريڪا دوري دوران وائيٽ هائوس ۾ صدر ٽرمپ کي هڪ اهڙو ‘صندوقچه’ (Chest) پيش ڪيو، جيڪو پاڪستان جي زمين مان نڪتل ناياب معدنيات جي نمونن سان ڀريل هو۔ هن قدم آمريڪي صدر کي ان حد تائين متاثر ڪيو، جو هن جنرل منير کي سرعام منهنجو پسنديده فيلڊ قرار ڏئي معدني سفارتڪاري جي اهميت تي مهر لڳائي ڇڏي۔

عالمي سطح تي صاف ڪيل ناياب معدنيات (Rare Earths) جي فراهمي تي هن وقت چين جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ قبضو آهي، جيڪي آءِ فون کان وٺي جديد ميزائلن تائين هر شيءِ جي تياري لاءِ لازمي آهن۔ آمريڪا هن چيني اجارا داري کي ٽوڙڻ لاءِ پاڪستان جي ذخيرن کي هڪ اهم متبادل طور ڏسي رهيو آهي۔ ماهرن موجب، 2050 تائين  ٽامي جي عالمي طلب سالياني 50 ملين ٽن تائين پهچي ويندي، جنهن سبب آمريڪا بلوچستان جي ريڪوڊڪ منصوبي لاءِ ‘ايگزم بينڪ’ (EXIM) ذريعي 1.25 بلين ڊالر جي وڏي رقم جي منظوري ڏني آهي۔

ڊائريڪٽر، ڪريٽيڪل منرلز سيڪيورٽي پروگرام ڊاڪٽر گريس لن باسڪرَن جو چوڻ آهي ته ٽامو اسان جي جديد معيشت جي هر حصي لاءِ ايندھن جي حيثيت رکي ٿو، ۽ اسان هن وقت ان جي عالمي سطح تي ساختي کوٽ (Structural Shortage) جو شڪار آهيون۔

پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو تزويري تضاد اهو آهي ته اهي معدنيات، جن کي آمريڪا حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، انهن جي راهه ۾ اهو ئي آمريڪي هٿيار رڪاوٽ بڻيل آهي، جيڪو 2021 ۾ افغانستان مان انخلا وقت اتي رهجي ويو هو۔ اسپيشل انسپيڪٽر جنرل جان سوپڪو موجب، افغانستان هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو هٿيار بازار بڻجي چڪو آهي، جتان لڳ ڀڳ 3 لک ننڍا هٿيار علائقي ۾ پکڙجي چڪا آهن۔ شدت پسندن کان قبضي ۾ ورتل M-16 ۽ M-4 رائفلن تي واضح طور Property of US Govt جا نشان لڳل آهن ۽ انهن تي ڪولمبيا، ڏکڻ ڪيرولائنا (Columbia, South Carolina) جو مينوفيڪچرنگ ايڊريس موجود آهي۔ اهي هٿيار هاڻي ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي جهڙن گروهن وٽ آهن، جيڪي معدنيات سان مالا مال علائقن کي ميدانِ جنگ بڻائي رهيا آهن۔

ميدانِ جنگ جي سنگيني جديد آمريڪي ٽيڪنالاجي شدت پسندن جي جنگي صلاحيت کي روايتي ڪلاشنڪوف کان ڪڍي جديد سنائپر رائفلن ۽ نائٽ ويزن آلات تائين پهچائي ڇڏيو آهي۔ هن جديد هٿيار هڪ خطرناڪ ڪيليبر گيپ (Caliber Gap) پيدا ڪري ڇڏيو آهي۔ جڏهن دفاعي تجزيه نگار محمد مبشر کان پڇيو ويو ته ڇا پاڪستاني فوجن وٽ شدت پسندن وٽ موجود آمريڪي هٿيارن جي برابر هٿيار آهن، ته سندن جواب هڪ مختصر ۽ ڇرڪائيندڙ نه هو۔ پاڪستاني ملٽري جنرل سرجن ڪرنل بلال سعيد موجب، اسان هاڻي روايتي بارودي سرنگن بدران ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ جديد سنائپر گنز ۽ نائٽ ويزن آلات سان ليس شدت پسندن کي منهن ڏئي رهيا آهيون۔

پاڪستان جي معدني وسيلن جي جاگرافيائي ورهاست ئي ان جي سيڪيورٽي چيلينج جو مرڪز آهي۔ اتر وزيرستان جي ‘محمد خيل’ کاڻ مان نڪرندڙ لکين ٽن ٽامو چين منتقل ٿي رهيو آهي، جڏهن ته بلوچستان جو ‘ريڪوڊڪ’ علائقو آمريڪي مفادن جو مرڪز آهي۔ پر سيڪيورٽي صورتحال ايتري سنگين آهي، جو 2025 ۾ شدت پسندي جي واقعن ۾ 1,200 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، جيڪا 2021 جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي آهي۔ انهيءَ بنياد تي پرڏيهي پاليسي جي ماهر مائيڪل ڪوگلمين بلوچستان کي معدني موقعن ۽ شدت پسندي جي خطرن جو هڪ ئي وقت گرائونڊ زيرو قرار ڏين ٿا۔پاڪستان هن وقت هڪ عجيب ۽ پيچيده ڇڪتاڻ جي گرفت ۾ آهي۔ هڪ پاسي 8 ٽريلين ڊالر جي معاشي خوشحالي جي اميد آهي، ته ٻئي پاسي ساڳئي اتحادي جي ڇڏيل هٿيارن جو پاڇو آهي، جنهن سان گڏجي اهو خزانو ڪڍڻ جو خواب ڏٺو پيو وڃي۔ آمريڪي هٿيار، جيڪي ڪڏهن دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ آندا ويا هئا، هاڻي پاڪستان جي معاشي بقا خلاف هڪ مؤثر هٿيار بڻجي چڪا آهن۔ پاڪستان وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي ته انهن علائقن کي محفوظ بڻائي، پر سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان پنهنجن ئي دشمنن جي هٿن ۾ موجود جديد آمريڪي هٿيارن جي پاڇي هيٺ پنهنجي تقدير بدلائڻ وارو اهو خزانو ڪڍي سگهندو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.