حافظ نعيم پنهنجي تصوير لاهور ۾ لڳائي ڏيکاري؟ مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب بي اعتمادي بابت سوال تي چيو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم گهر نه پيو وڃي ته مان به اتي ئي آهيان.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته جتي ڪوتاهي نظر ايندي اتي ڪارروائي ٿيندي، ائين نٿو ٿي سگهي ته آفيسر ڪم نه ڪن ۽ گاريون اسان کي ملن، منافقن کي ڪجهه نٿو چئي سگهان.
هن جماعت اسلامي تي تنقيد ڪندي چيو ته سانحن تي سياست هڪ ٽرينڊ بڻجي ويو آهي، جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم الرحمان هتي تصوير لڳائيندو آهي، لاهور ۾ تصوير لڳائي ڏيکاري؟ هن شاهراهه فيصل بلاڪ ڪيو، جنهن سان عوام کي تڪليف ٿي.
بي اعتمادي بابت سوال تي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڇا وزيراعظم گهر وڃي رهيو آهي؟ جيڪڏهن نه ته مان به نه پيو وڃان، مصطفيٰ ڪمال کي وزيراعظم کان پڇڻ گهرجي ته اهو ڇا ماجرو آهي، وزيراعظم صاحب گل پلازا سانحي کانپوءِ هتي نه آيو، خالد مقبول صديقي ۽ مصطفيٰ ڪمال به گل پلازا نه ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.