لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جا هڪ سال جا انٽرنيشنل ميڊيا رائٽس پاڪستاني ڪمپني رڪارڊ قيمت ۾ خريدي ورتا.
پي ايس ايل جي انٽرنيشنل ميڊيا رائٽس جي وڪري ۾ تاريخي واڌ ٿي آهي.
پاڪستاني ڪمپني پي سي بي جي مقرر ريزور قيمت کان به وڌيڪ ٻولي لڳائي، جنهن کانپوءِ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ انٽرنيشنل ميڊيا رائٽس جي ماليت ۾ 149 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ٿي آهي.
اها واڌ پي ايس ايل جي وڌندڙ مقبوليت ۽ برانڊ ويليو جو واضح ثبوت آهي.
You might also like