اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ شادي شده ماڻهن مان 10 سيڪڙو اهڙا آهن، جن جي عمر 15 کان 19 سالن جي وچ ۾ آهي.
اها ڳالهه گيلپ پاڪستان جي تازي سروي ۾ سامهون آئي آهي.
گيلپ سروي رپورٽ موجب توڙي جو ننڍي عمر ۾ شادي کي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي پر پاڪستان ۾ 18 ورهين کان ننڍي عمر ۾ شادي هاڻ به هڪ عام رجحان آهي، بهرحال وقت سان گڏ ان رجحان ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي.
رپورٽ موجب 15 کان 19 سالن جي عمر جي گروپ ۾ تقريبن 10 سيڪڙو ماڻهو شادي شده آهن، اها شرح پاڪستان ۾ تقريبن 20 لک شادي شده ماڻهن جي برابر ٿئي ٿي.
ننڍي عمر ۾ شادي جي شرح بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته فاٽا ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ به اهو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي پر اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ اها شرح گهٽ آهي.
You might also like