اهو اڪثر ماڻهن سان ٿيندو آهي ته ڪنهن نئين جاءِ تي کين ننڊ ناهي ايندي ۽ سڄي رات پاسا مٽائيندا رهندا آهن.
هاڻ سائنسدانن ان جو ڪارڻ ڄاڻي ورتو آهي.
جاپان جي ناگويا يونيورسٽي طرفان اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته نيٺ ڪنهن نئين جاءِ تي پهرين رات ماڻهو ڪوششن باوجود سمهي ڇو ناهن سگهندا، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ کين ٻي رات سٺي ننڊ ايندي آهي.
ان مقصد لاءِ ماهرن ڪوئن تي تجربا ڪيا ۽ اهڙي نيورونز جي گروپ جي ڳوليو، جيڪو نئين ماحول ۾ متحرڪ ٿيندو آهي.
اهي نيورونز هڪ مرڪب neurotensis خارج ڪندا آهن، جيڪو سجاڳ رکڻ جو ڪم ڪندو آهي.
ان جو مقصد اڻڄاڻ جاين تي امڪاني خطرن کان تحفظ فراهم ڪرڻ هوندو آهي.
ان دريافت سان وضاحت ٿئي ٿي ته انسان ڪنهن نئين جاءِ تي پهرين رات اڪثر جاڳي ڇو گذاريندو آهي.
تحقيق موجب ڪنهن نئين جاءِ تي پهرين رات اسان جو دماغ وڌيڪ چوڪس رهي ٿو، جيڪو چوڪيدار جيان ڪم ڪندو آهي.
محققن ٻڌايو ته اها وڏي وقت کان خبر هئي ته ڪنهن نئين جاءِ تي ننڊ متاثر ٿيندي آهي پر اهو واضح نه هو ته ائين ڇو ٿيندو آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل پروسيڊنگز آف دي نيشنل اڪيڊمي آف سائسنز ۾ ڇپيا آهن.
You might also like