عمران خان پاڻ پمز مان علاج ڪرائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي اک جو پروسيجر اڊيالا جيل اسپتال ۾ ٿي پئي سگهيو پر عمران خان جي چوڻ تي ئي کيس پمز اسپتال نيو ويو.
عمران خان جي اک جي علاج بابت سينيٽ کي تفصيلن کان آگاهه ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي صحت ٺيڪ آهي، پروسيجر ڪامياب ٿيو آهي، عمران خان کي جيڪا اک جي بيماري هئي، ان ۾ انجيڪشن لڳندي آهي آپريشن ناهي ٿيندو، کيس ڪو وڏو مسئلو ناهي.
هن چيو ته عمران خان جي چوڻ تي ئي کيس پمز نيو ويو، هن چيو امن امان جو مسئلو ٿي سگهي ٿو تنهن ڪري شام جو وٺي وڃو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.