ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪجهه ڏينهن لاٿ کانپوءِ سون جي اگهه ۾ اڄ وڏي واڌ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 24 هزار رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 5 لک 14 هزار 362 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 20 هزار 576 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 40 هزار 982 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 240 ڊالر واڌ سان 4916 ڊالر في اونس آهي.
You might also like