لاهور (بيورو) انسپيڪٽر جنرل پوليس (آءِ جي پي) پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور کي تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب هن کي ايندڙ پوسٽنگ وفاق ۾ ملندي، صوبائي حڪومت جي ذريعن موجب آءِ جي پنجاب لاءِ مختلف نالا غور هيٺ آهن، جن ۾ آءِ جي خيبر پختونخوا ذوالفقار حميد، سي سي پي او بلال صديق ڪميانه ۽ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي وسيم سيال شامل آهن، وفاقي حڪومت جي ذريعن موجب ڊاڪٽر عثمان انور کي پنجاب کان وفاق ۾ بطور ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) وفاقي تحقيقاتي ادارو (ايف آءِ اي) ۾ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.
-
ڪارڪنن کي گرفتار ۽ عورتن کي هراسان ڪيو پيو وڃي:پي ٽي آءِ ڪراچي
ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آءِ ڪراچي جي ترجمان فوزيه صديقي چيو آهي ته پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، گرفتاريون ٿي رهيون آهن، بزرگن ۽ عورتن کي هراسان ڪرڻ جا واقعا پيش آيا آهن، پنهنجي بيان ۾ فوزيه صديقي چيو ته 180 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي 3 ايم پي او جي تحت گرفتار ڪري جيل موڪلڻ سياسي انتقام جي بدترين مثال آهي، هن چيو ته پرامن شهري ماڻهن جي گهرن تي ڇاپا ۽ خاندانن کي خوف ۾ مبتلا ڪرڻ آئين ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، عورتن، بزرگن ۽ ٻارن کي نشانو بڻائڻ انساني اقدار جي خلاف آهي، فوزيه صديقي چيو ته طاقت جي زور تي عورتن، بزرگن ۽ ٻارن کي نشانو بڻائڻ انساني اقدار خلاف آهي.