بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪيون ٿا: روس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ روس جي سفارتخاني بلوچستان ۾ 31 جنوري کان 1 فيبروري تائين ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ روسي سفارتخاني چيو آهي ته ”اسان زور ڏيون ٿا ته دهشتگردي جي هر شڪل ۽ هر قسم جو مقابلو لازمي آهي، اسان کي اميد آهي ته اهڙين ڪارروائين جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري کين انصاف جي ڪٽهرن تائين آندو ويندو.“
سفارتخاني وڌيڪ لکيو آهي ته” اسان جون دليون متاثرن جي پوئنرن ۽ دوستن سان آهن ۽ اسان زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.