اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين بلوچستان ۾ ٿيل تازن حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هو پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.
پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني سماجي رابطن رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ آهي ”چين هر قسم جي دهشتگردي جي سخت مخالفت ڪري ٿو.“
بيان ۾ وڌيڪ چيوويو آهي ته ” چين دهشتگردي خلاف جنگ، سماجي استحڪام قائم رکڻ ۽ پنهنجي ماڻهن کي محفوظ رکڻ ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکندو.“