َ”فائنل ۾ به ڀارت سان مقابلو ٿيو ته پوءِ پاڪستان ڇا ڪندو؟“

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ڪيون پيٽرسن پاڪستان طرفان آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ڀارت خلاف شيڊيول ميچ جي بائيڪاٽ واري معاملي تي سوال اٿاري ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيون پيٽرسن چيو آهي ته ” هو پڪ سان نٿو چئي سگهي ته ڀارت هن ورلڊ ڪپ ۾ گروپ اسٽيج تي پاڪستان سان کيڏي سگهندو يا نه، پر جيڪڏهن فائنل ۾ ڀارت سان مقابلو ٿيو ته ڇا پاڪستان فائنل کيڏڻ کان انڪار ڪندو؟
ڪيون پيٽرسن جي ٽوئيٽ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙهي ويو آهي، جتي واهپيدار پاڪستان جي امڪاني فيصلي، آءِ سي سي جي ڪردار ۽ عالمي ڪرڪيٽ ۾ طاقت جي توازن بابت مختلف رايا ڏئي رهيا آهن.
ڪيون پيٽرسن جي بيان تي پاڪستاني صحافي ۽ اينڪر عبدالرئوف خان به ردعمل ڏنو آهي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان يقينن فائنل کيڏڻ کان انڪار ڪندو ڇو ته ڪنهن به ملڪ لاءِ عزت ۽ وقار سڀ کان اهم هوندو آهي.
هن وڌيڪ وڌيڪ چيو ته انگلينڊ، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن جي منافقت ۽ خاموشي هميشه ياد رکي ويندي، جيڪي ان وقت چپ رهيا جڏهن ڀارت ڪرڪيٽ سان هٿ چراند ڪري رهيو هو ۽ راند جي عظمت کي لتاڙي رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.