اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب، ان حوالي سان وفاقي حڪومت طرفان عام موڪل جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 5 فيبروري 2026 تي ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي عام موڪل هوندي.