لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀاٽي گيٽ لڳ داتا درٻار ڀرسان سيوريج لائن ۾ ڪِرڻ سبب فوت ٿيندڙ ماءُ ۽ ڌيءَ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي.
رپورٽ موجب، ٻنهي ماءُ ڌيءَ جي مٿي تي ڌڪن جا نشان موجود هئا، جڏهن ته عورت سعديه جي ساڄي ڪنڌ جي هڏي ٽٽل هئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 9 مهينن جي ٻارڙي ردا فاطمه جي ڪنڌ جي هڏي پڻ ٽٽل هئي، جڏهن ته سعديه جي چيلهه تي به ڪيئي زخمن جا نشان هئا. ٻنهي جو موت مٿي ۾ ڌڪ ۽ ڪنڌ جون هڏين جي ٽٽڻ سبب ٿيو.
ٻئي پاسي ذريعن موجب، پوسٽ مارٽم عورت ڊاڪٽر طرفان ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ رپورٽ کي سيل ڪيو ويو.