سنڌ: مڪاني ادارن واري کاتي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽرن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت مڪاني ادارن واري کاتي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽرن جون نيون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن.
شهيد بينظير آباد جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر نور الدين سنائي کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ٽنڊوالهيار مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته کيس ريجنل ڊائريڪٽر ميرپورخاص جي به واڌو چارج ڏني وئي آهي.
ٽنڊوالهيار جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر فاروق بلوچ کي عهدي تان هٽائي، رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
چيف سيڪريٽري جي منظوري کانپوءِ سروسز کاتي جي اختيارين طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.