اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 26 نومبر احتجاج ڪيس ۾ عليمه خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جاري ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان خلاف 26 نومبر احتجاج ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت عليمه خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا.
عدالت عليمه خان کي گرفتار ڪري سڀاڻي تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته جوابدار جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ تائين سندس بئنڪ اڪائونٽس ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ رهندا.
اسپيشل پراسڪيوٽر ظهير شاهه موجب، عليمه خان عدالت کي حڪم نٿي ڏئي سگهي، جڏهن ته شروع کان ئي سندس رويو غير ذميواراڻو رهيو آهي.