ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه کي عهدي تان هٽائڻ واري معاملي جي اصل ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.
جاچ اختيارين موجب، ڊي آءِ جي تي ذاتي اثر رسوخ استعمال ڪري واپاري کي اغوا ڪرائڻ جو الزام آهي، آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي پير محمد شاه کان واپاري جي اغوا ڪيس بابت وضاحت طلب ڪئي هئي، جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي.
آءِ جي سنڌ جي خط ۾ چيو ويو هو ته 19 ڊسمبر 2025 تي پير محمد شاهه حيدرآباد ۾ هڪ واپاريءَ خلاف ڪيس داخل ڪرايو، ڪيس ۾ ڪاروباري شخص کان 31 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جي واپسي جو مطالبو ڪيو ويو، جڏهن ته هلندڙ سال 14 جنوري جي شام حيدرآباد پوليس ڪراچي آئي ۽ ڊفينس فيز 6 مان ڪيس ۾ نامزد واپاري کي پاڻ سان گڏ وٺي وئي.
جاچ اختيارين موجب، واپارين جي مداخلت کانپوءِ مغوي کي حيدرآباد پوليس آزاد ڪري ڇڏيو، واپاري جي فرياد تي پير محمد شاهه خلاف 22 جنوري تي گزري ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڪيس ۾ فريادي دانش متين ٻڌايو ته هو 14 جنوري تي ڊفينس فيز 6 ۾ پنهنجي گهر کان آفيس وڃڻ لاءِ نڪتو ته ان دوران رستي اڇي گاڏي ۾ سوار ٽن ڄڻن مون کيس روڪيو ۽ زبردستي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي.
درخواست گذار واپاري موجب، ٻن ڄڻن کي پوليس جي وردي سان ملندڙ جلندڙ لباس پهريل هو، جڏهن ته جوابدارن 31 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جو مطالبو ڪيو.
واپاري ٻڌايو ته ” جوابدارن منهنجي گهر فون ڪري 30 لک رپيا ڀنگ پڻ گهريو، جوابدارن ساڳئي ڏينهن هاءِ وي ويجهو 10 لک رپيا وٺي مون کي آزاد ڪيو، جڏهن ته رات ساڍي 11 وڳي ڌاري مون کي آفيس ڀرسان ڇڏي ويا.“
ايس ايس پي حيدرآباد موجب، واقعي ۾ ملوث حيدرآباد پوليس جا 3 اهلڪار معطل ڪيا ويا آهن، معطل ڪيل اهلڪارن ۾ هڪ اي ايس آءِ ۽ ٻه ڪانسٽيبل شامل آهن.
ياد رهي ته ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه کي ڪجهه ڏينهن اڳ عهدي تان هٽايو ويو هو ۽ سندن جاءِ تي مظهر نواز شيخ کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.