پاڪستان جو ڀارت سان عالمي ڪپ ميچ جو بائيڪاٽ ويڪ اَپ ڪال آهي: ششي ٿرور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي سينيئر سياستدان ۽ ڪانگريس طرفان پارليامينٽ ميمبر ششي ٿرور ڪرڪيٽ کي سياست جي ور چاڙهڻ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان طرفان ڀارت خلاف ميچ جو بائيڪاٽ هڪ وِيڪ اپ ڪال هئڻ گهرجي.
پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ جي بائيڪاٽ واري فيصلي تي ردعمل ڏيندي ششي ٿرور چيو ته بنگلاديشي ڪرڪيٽر مستفيض الرحمان جو آءِ پي ايل ( انڊين پريميئر ليگ ) جي فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز سان معاهدو ختم نه ڪرڻ گهربو هو، جڏهن ته سياسي مداخلت صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته سندس خيال ۾ بنگلاديش جو ردعمل حد کان وڌيڪ هو، جڏهن ته پاڪستان بنگلاديش سان ايڪي جي اظهار طور اهو قدم کنيو آهي.
ڪانگريس اڳواڻ چيو ته راند کي سياست جي اَک سان ڏسڻ افسوسناڪ آهي ۽ اها وڏي شرم جوڳي ڳالهه آهي ته راند سياست جي ور چڙهي وئي آهي.
هن چيو ته معاملو ڪنٽرول کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ سنجيدگي سان اتفاقِ راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته راند خاص طور ڪرڪيٽ عوام لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي.
ششي ٿرور جو چوڻ هو ته راند جو ميدان ماڻهن کي ويجهو آڻڻ جو ذريعو هئڻ گهرجي تڪرارن کي هوا ڏيڻ جو نه، هن صورتحال کي سڀني لاڳاپيل ڌرين لاءِ وِيڪ اپ ڪال قرار ڏيندي چيو ته هڙئي ڌريون هنگامي بنيادن تي هڪ ٻئي سان رابطو ڪن ۽ مسئلي جو حل ڪڍن.
ياد رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ست فيبروري کان ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ 15 فيبروري تي ٿيڻي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.