اسلام آباد(بيورو)پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان شازيا مري، جسٽس محمد علي مظهر جي راءِ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر صدارتي ريفرنس تي راءِ ڏئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قتل ڪيس جي تاريخ جي رخ کي درستڪري ڇڏيو آهي،هن چيو ته سپريم ڪورٽ شهيد ڀٽو جي ٽرائل کي منصفاڻي ٽرائل جي معيارن جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران شفافيت ۽ قانون مطابق عمل ڪرڻ جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون۔هن وڌيڪ چيو ته صدارتي ريفرنس ۾ ڏنل راءِ مطابق ججن جي ذاتي تعصب منصفاڻي ۽ آزاد فيصلي تائين پهچڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪيو۔ جسٽس محمد علي مظهر جي راءِ آهي ته مارشل لا جي دور ۾ بغير ڪنهن قانوني جواز جي ڪيس ٻيهر کوليو ويو،هن چيو ته پيپلز پارٽي پهرين ڏينهن کان اهو ئي چوندي آئي آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قتل عدالتي قتل هو۔ هڪ آمر پنهنجي ذاتي عناد ۽ اقتدار جي حوس ۾ عوام جي محبوب اڳواڻ کي ڦاهي ڏئي ڇڏي۔هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ڀٽو خاندان ۽ انهن سان عقيدت رکندڙ جيالن کي انصاف مليو آهي،هن چيو ته آمر ۽ ڀٽو شهيد جي قاتل پاڪستان کي اهڙو ناقابلِ تلافي نقصان پهچايو، جنهن جو نتيجو قوم اڄ به ڀوڳي رهي آهي۔