28 هين ترميم جون تياريون،پ پ تي دٻاءُ، صدر زرداري جو طاقتورن کي واضح پيغام؟

اسلام آباد(حسنات ملڪ) 28 هين ترميم جي حوالي سان اهو چيو پيو وڃي ته عيد کان پوءِ  پارليامينٽ ۾ پيش ٿيندي. پر پيپلز پارٽي پنهنجي راءِ ڏيکاري رهي آهي، ۽ ان کي وقت پڻ ملي رهيو آهي،ٻئي پاسي نيب به سرگرم آهي.ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري جا بيان اچي چڪا آهن  ته ارڙهين ترميم کي رول بيڪ نٿو ڪري سگهجي،ان ڪري ئي ايوان صدر ۾ هڪ بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ سفارتڪار ۽ صحافي به موجود هئا. مقصد اهو هو ته ٻڌايو وڃي ته اسان وڏو ڪم ڪيو آهي، روينيو گڏ ڪيو آهي، ۽ واضح پيغام هو ته 28 هين ترميم کي قبول نه ڪيوويندو ۽ نه ئي  هو نون صوبن تي ڪنهن به طرح راضي آهن،ذريعن موجب پيپلز پارٽي تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، ۽ صدر زرداري به ٻه ٽي  هفتا اڳ واضح پيغام ڏنو هو  ته “اسان اتحادي جماعت آهيون، اسان جا فائل ڇو ڏٺا پيا وڃن؟ ان کان سواءِ،صدر زرداري ڪيترن  ئي بلن کي پارليامينٽ مان واپس موڪليو، ڇو ته صدر طور تي انهن تي اعتراض هو،هن وقت  پيپلز پارٽي لاءِ مشڪل حالتون آهن، پر آخرڪار معاملا حل ٿي سگهن ٿا، ڇو ته جڏهن پيپلز پارٽي کي پي ٽي آءِ سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، ته حڪومت، پيپلز پارٽي ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ گڏجي ڪم ڪن ٿا،ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ جي حوالي سان جسٽس محمد علي مرزا ۽ جمال مندوخيل جهڙا جج جيڪي آئيني ڪيسن ۾ حصو وٺندا رهيا آهن، انهن تي به سوال اُڀري رهيا آهن ته ڪيئن فيصلن ۾ اثر انداز ٿيا ۽ آئيني عدالت جي معاملن ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو.موجوده صورتحال پيچيده آهي، پيپلز پارٽي کي مختلف رڪاوٽون آهن، پي ٽي آءِ اندر اختلاف آهن، ۽ سهيل آفريدي کي طاقتور اسٽيبلشمينٽ سان منهن ڏيڻو آهي. پر صدر زرداري  واضح پيغام ڏنو آهي ته پيپلز پارٽي اتحادي جماعت آهي ۽ انهن سان انصاف ۽ معاملا گڏجي هلڻ گهرجن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر02 فيبروري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.