آمريڪا طرفان بلوچستان ۾ دهشت گرد واقعن جي مذمت

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر چيو آهي ته آمريڪا 31 جنوري تي بلوچستان ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ شهرين خلاف ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين ۽ حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو، جن جي ذميواري بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) قبول ڪئي آهي، جيڪا آمريڪا طرفان نامزد ڪيل هڪ پرڏيهي دهشتگرد تنظيم آهي، هن چيو ته مان، آمريڪا پاران دهشتگردي جي متاثرن، انهن جي خاندانن ۽ ان واقعي کان متاثر ٿيل سڀني ماڻهن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريان ٿي، پاڪستاني عوام کي اهو حق حاصل آهي ته هو تشدد ۽ خوف کان آزاد زندگي گذارين،هن چيو ته آمريڪا امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۾ هڪ ثابت قدم ڀائيوار آهي، هن ڏک جي گھڙي ۾ اسين پاڪستان سان گڏ آھيون۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.