ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ بلوچستان ۾ فتنه الهندستان سان لاڳاپيل دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائين کي قابلِ فخر قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيد سڄي قوم جا حقيقي هيرو آهن، ۽ سندن قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون.هڪ بيان ۾ هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن هٿان عورتن ۽ ٻارن جو قتل کليل بربريت ۽ انسانيت دشمني آهي، جيڪا ڳالهه واضح ثبوت آهي ته دهشتگرد ڪنهن به نظريي يا جدوجهد جي نمائندگي نٿا ڪن، بلڪه معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ سندن اخلاقي شڪست آهي.شرجيل انعام ميمڻ سيڪيورٽي فورسز جي غير معمولي بهادري ۽ پيشواراڻي مهارت جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڏکين حالتن ۾ فورسز جو بلند حوصلو دشمن لاءِ صاف ۽ چٽو پيغام آهي. هن ان عزم کي ورجايو ته سڄي قوم پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي.