بخشاپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

بخشاپور (رپورٽ: زاهد بڊاڻي) بخشاپور ۾ هٿياربندن هٿان  ذاڪر حسين نبواڻي ڊومڪي  قتل ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو تهبخشاپور ٿاڻي جي حد فيض آباد ۾ ٻن اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ذاڪر حسين ڊومڪي ( نبواڻي ) کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ذاڪر حسين ڊومڪي پنهنجي ڳوٺ دڪان تي ويٺل هو جتي هٿياربندن گوليون هڻي کين قتل ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو ۽ ن ڪوئي ڪيس داخل ٿي سگهيو علائقي م سوڳ وارو ماحول ڇائجي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.