راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ هڪ عجيب واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ پوليس 10 ڏينهن کان گم نينگر جي اغوا جو ڪيس ججن خلاف داخل ڪري ڇڏيو.
اهو واقعو ٽيڪسلا ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو، جتي پيءُ پٽ جي گمشدگي کانپوءِ جنن خلاف شڪايت داخل ڪرائي.
21 جنوري تي 11 ورهين جو سراقه السيف گهران نڪتو هو پر واپس نه موٽيو، جنهن کانپوءِ سندس پيءُ 25 جنوري تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو.
ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سراقه السيف کي جن اغوا ڪري کڻي ويا آهن.
فريادي جو چوڻ آهي ته جن ان کان اڳ به پٽ کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا پر هو موٽي ايندو هو، جڏهن ته هاڻ ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود پٽ ناهي موٽيو.
You might also like