تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا حملو ڪيو ته اها جنگ سڄي خطي ۾ پکڙجي ويندي.
آيت الله خامنه اي جو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن واشنگٽن ۽ تهران ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ آمريڪي صدر طرفان مسلسل ايران کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.
ايراني ميڊيا موجب آيت الله خامنه اي چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هر هر جنگي جهازن جو ذڪر ڪري ٿو پر ايراني قوم اهڙي ڌمڪين کان نٿي ڊڄي.
هن چيو ته اسان ڪنهن ملڪ تي حملو ناهيون ڪندا ۽ نه ئي اهڙو چاهيون ٿا پر جيڪڏهن ڪو ايراني قوم تي حملو ڪندو يا ان هراسان ڪندو ته قوم ان کي سخت جواب ڏيندي.
ٽرمپ جي ڌمڪين کان نٿا ڊڄون، حملو ٿيو ته جنگ سڄي خطي ۾ جنگ پکڙجي ويندي: خامنه اي
You might also like