17 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا، 145 دهشتگردن جا لاش اسان وٽ موجود آهن: سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته دهشتگردن سان مقابلي دوران 17 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته 145 دهشتگردن جا لاش اسان وٽ موجود آهن.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته دهشتگردن 31 معصوم شهرين کي شهيد ڪيو، گوادر ۾ دهشتگردن پنج عورتن ۽ ٽي ٻارڙن کي شهيد ڪيو، شهيد ٿيل خاندان جو واسطو خضدار سان هو ۽ اهي بلوچ هئا، جيڪي ماڻهو پاڻ کي بلوچ چون ٿا اهي بلوچ نه پر دهشتگرد آهن.
هن چيو ته افغان سرزمين پڻ پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي ۽ ڄاڻ ملي آهي ته انهن دهشتگردن سان گڏ افغاني به شامل آهن، اڄ بشير زيب، رحمان گل ۽ الله نظر افغانستان ۾ موجود آهن.
سندس چوڻ هو ته دهشتگرد حملي بابت اسان وٽ اڳواٽ انٽيليجنس رپورٽ موجود هئي، جنهن سبب هڪ ڏينهن اڳ ئي آپريشن شروع ڪيو ويو، 145 دهشتگردن جا لاش اسان وٽ موجود آهن.
سرفراز بگٽي چيو ته اهي ماڻهو ڀارت جي چوڻ تي اهڙا واقعا ڪري پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جڏهن به پاڪستان اڳتي وڌڻ يا اڏام ڀرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهڙا واقعا سامهون اچن ٿا.
هن چيو ته اسان هڪ سيڪنڊ لاءِ سرينڊر ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، اسان هڪ هزار سال تائين به انهن خلاف جنگ وڙهنداسين، اسان جو رت سستو ناهي، اسين انهن کي نه ڇڏينداسين، ۽ بلوچستان کي انهن لاءِ دوزخ بڻائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.