اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس محمد علي مظهر اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بابت صدارتي ريفرنس تي پنهنجو 24 صفحن تي ٻڌل تفصيلي نوٽ جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته تڙ تڪڙ، ڪاوڙ يا تعصب ۾ ڪيل فيصلا نه رڳو ملڪي قانون پر اسلامي اصولن جي به ابتڙ آهن.
جسٽس محمد علي مظهر 24 صفحن تي ٻڌل نوٽ ۾ اڳوڻي چيف جسٽس نسيم حسن شاهه جي ماضي ۾ ڏنل انٽرويو جو حوالو ڏيندي چيو ته هن پاڻ اعتراف ڪيو هو ته ڀٽو ڪيس جو فيصلو دٻاءَ تحت ڪيو ويو هو، اڳوڻي چيف جسٽس جو اهو اعتراف ڪنهن به عقل رکندڙ شخص لاءِ ان ڳالهه ۾شڪ جي گنجائش نٿو ڇڏي ته اهو هڪ عدالتي قتل هو ۽ اهڙو اعتراف هڪ جج جي حلف جي ڀڃڪڙي آهي.
سندس موجب فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جيڪڏهن جج ڪنهن ڌر يا وڪيل سان ڪاوڙجي پئي يا پنهنجو صبر وڃائي ڇڏي ته ان لاءِ قانون موجب انصاف ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو آهي.
جج آبزرويشن ڏني ته ڀٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج مبينا طور تي اپيل جي ٻڌڻي دوران ”ڪاوڙ“ ۾ هو، جنهن سان آزاداڻي ذهن سان فيصلي جو امڪان ختم ٿي ويو هو.
تعصب ۾ ڪيل فيصلا ملڪي قانون ۽ اسلامي اصولن جي به ابتڙ آهن: ڀٽو ڦاهي ريفرنس تي جسٽس مظهر جو تفصيلي نوٽ
You might also like