ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ تاريخي واڌ کانپوءِ مسلسل ٻئي ڏينهن به وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ في تولو سون 25 هزار 500 رپيا سستو ٿيڻ بعد 5 لک 11 هزار 862 رپين جو ٿي ويو.
اهڙي ريت 10 گرام سون به 21 هزار 862 رپيا لاٿ بعد 4 لک 38 هزار 839 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي..
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 255 ڊالر گهٽتائي سان 4895 ڊالر في اونس تي اچي وئي آهي.
ملڪ ۾ گذريل ڏينهن في تولو سون ساڍا 35 هزار رپيا سستو ٿيو هو، جڏهن ته اڄ 25 هزار 500 رپيا لاٿ سان ٻن ڏينهن دوران سون مجموعي طور 61 هزار رپيا سستو ٿي چڪو آهي.