”ڇا گهرو وزير ٻڌائي سگهي ٿو ته ايس ايڇ او ڪٿي آهي؟“ اختر مينگل جو بلوچستان جي صورتحال تي بيان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ(بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه سردار اختر مينگل بلوچستان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته علائقي کي ”نو انٽري زون“ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اختر مينگل چيو ته ”ميڊيا هائوسز سڀ خاموش آهن، مون پنهنجي زندگي ۾ ان حد تائين ڳڻتي جوڳي صورتحال نه ڏٺي آهي. ڇا وفاقي گهرو وزير واضح ڪري سگهي ٿو ته ايس ايڇ او ڪٿي آهي؟“
اختر مينگل جي بيان تي ردِعمل ڏيندي بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند چيو ته ” جڏهن اسان جي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي ته جڙتو سياسي اڳواڻ پنهنجو اصلي چهرو ڏيکاري رهيا آهن، اسان کي هنن مان به اهڙي ئي اميد هئي، هيءَ اسان لاءِ ڪا تعجب جوڳي ڳالهه ناهي.“
واضح رهي ته آگسٽ 2024ع ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو هڪ بيان ڌيان جو مرڪز بڻيو هو.
وفاقي گهرو وزير ڪوئيٽا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته ”بلوچستان ۾ آپريشن جي ضرورت ناهي، دهشتگرد رڳو هڪ ايس ايڇ او جي مار آهن.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.